ٻڪري جو کير ٻار لاءِ ڪيترو فائديمند…..پڙهندا خبر ۾

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ اک کوليندڙ نون ڄاول ٻارڙن کي جيڪڏهن ٻڪري جو کير پياريو وڃي ته اهو ان ٻارڙن جي معدي ۽ هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. ڇو جو ٻڪري جي کير ۾ ماءُ جي کير جهڙا ئي بيڪٽيريا ۽ ٻيا جزا موجود هوندا آهن جنهن کي بايوٽڪس چيو ويندو آهي.

اها تحقيق ميلبرن ۾ موجود مشهور آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ ڪئي وئي آهي جنهن جا تفصيل برٽس جرنل آف نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهن. تفصيلن ۾ ماهرن ٻڪري جي کير جي ٻن اهڙن فارمولن جو جائزو ورتو جيڪي بازار ۾ عام دستياب آهن.

ماهرن ان ۾ هڪ خاص قسم جي بايوٽڪ جزن جو جائزو ورتو جنهن کي اليگو سيڪرائيڊز چيو ويندو آهي. اهي جزا ٻارن جي پيٽ ۾ اهڙن بيڪٽيرياز کي طاقت فراهم ڪندا آهن جيڪي نقصانڪار انفيڪشن ۽ بيمارين کان بچائيندا آهن.

سائنسدانن موجب ٻڪري جي کير (يا ان مان ٺهيل فارمولي) ۾ 14 مختلف قسمن جا اليگوسيڪرائيڊ موجود هوندا آهن جن مان پنج ماءُ جي کير ۾ هوندا آهن. سائنسي ٽيم جي سربراهه پروفيسر هرشم گِل دنيا ۾ پهريون ماهر آهي جنهن ٻڪري جي کير ۾ بري بايوٽڪس ۽ ٻين جزن تي غور ڪيو آهي.

هن ان جي ڀيٽ ماءُ جي کير سان ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٻڪري جي کير ۾ موجود جزا انفيڪشن روڪڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ ٻارن جي آنڊن ۽ پيٽ جي مرضن کي ختم ڪن ٿا. پر اهي رڳو تجربي واري جاءِ جا نتيجا آهن ۽ ان کي ٻارن تي ناهي آزمايو ويو.

ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي ته ماءُ جي کير ۾ اوليگو سيڪرائيڊ کان وٺي ڪيترائي ٻيا اهڙا جز موجود آهن جيڪي ٻار جي بهترين واڌ ويجهه ڪندا آهن.

 اهي جزا ٻارڙن کي ڪيترن قسمن جي مرضن کان به بچائيندا آهن ۽  ماءُ جي کير جي کوٽ کي ٻڪري جي کير سان پورو ڪري سگھجي ٿو.

ماهرن مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ماءُ جو کير گھٽ هجي ته ٻار کي ٻڪري جو کير پياريو وڃي يا وري ٻڪري جي کير تي ٻڌل ڪمرشل فارمولا ڏنا وڃن.