رپورٽ: گهوٽڪي: اهي الزام لڳائي رهيا آهن جيڪي عوام آڏو جوابدار آهن: محمد بخش مهر

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: گهوٽڪي: اهي الزام لڳائي رهيا آهن جيڪي عوام آڏو جوابدار آهن: محمد بخش مهر
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: گهوٽڪي: اهي الزام لڳائي رهيا آهن جيڪي عوام آڏو جوابدار آهن: محمد بخش مهر

 

اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته مخالفن ۾ مقابلي جي سگهه هجي ها ته ڪورٽن ۾ سندس مٿان الزام لڳائڻ بدران ھو ميدان ۾ مقابلو ڪن ها

خانڳڙھ ۾ سندس رهائشگاهه تي آيل مختلف برادرين جي ماڻھن سان ڳالهائيندي محمد بخش خان مهر چيو ته فيصلو محفوظ ٿي چڪو آھي کيس ادارن تي يقين آھي ته هو ساڻس انصاف ڪندا ۔

هن چيو ته دنيا جهان جا مٿس الزام لڳايا ويا هو اڳ به انهن الزامن مان آجو ٿيو ۽ هاڻي به هن سڀني لڳايل الزامن جا تسلي بخش جواب ڏنا آھن

سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھوته مٿس الزام اهي لڳائي رهيا آھن جيڪي پاڻ ماڻھن آڏو جوابده آھن ۔

سندس چوڻ ھو ته راجا خان سميت پيپلز پارٽي وٽ پارٽي مخالفت ڪندڙن جي ڪابه گنجائش ڪونهي ۔

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پارٽي خلاف مهم هلائيندڙ پاڻ پاسيرا نه ٿيا ته کين پارٽي پاڻ ئي ڌڪاري ڇڏيندي………………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.