رپورٽ: ڳڙھي خيرو: گذريل  48 ڪلاڪن کان بجلي بند هجڻ خلاف  ڳوٺاڻن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڳڙھي خيرو: گذريل 48 ڪلاڪن کان بجلي بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڳڙھي خيرو: گذريل 48 ڪلاڪن کان بجلي بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

 

ڳڙھي خيرو  ويجهو دوداپور فيڊر جي  مسلسل 48 ڪلاڪن کان بجلي بند هجڻ خلاف  ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

دوداپور فيڊر جي 48 ڪلاڪن کان لڳاتار بجلي بند ھجڻ خلاف ڳوٺاڻن  مير بھرام خان لھر، لشڪر خان لھر،  برڪت خان،  نثار خان بروھي ، غلام حيدر بروھي،  عبدالستار لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڳواڻي ۾ بيگاري پل ته درڻو ھڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو تھ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ گذريل اٺن ڪلاڪن کان سندن بجلي بند ڪئي وئي آهي جيڪو ساڻن ظلم آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندن بجلي بحال ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احٽجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو……………….

You might also like