کاري پاڻي کي مٺو بنائيندڙ انقلابي ماليڪيولر پنڃرو

انڊيانا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن هڪ اهڙو طاقتور ماليڪيول ٺاهيو آهي جيڪو کاري پاڻي مان لوڻ ڇڪي ڪڍندو آهي ۽ زمين تي موجود سامونڊي پاڻي جي وڏي مقدار کي پيئڻ جوڳو بڻائي سگھي ٿو.

ڪلورائيڊ ڇڪيندڙ اهو ماليڪيول پوٽاشيئم ڪلورائيڊ، ڪيلشيئم ڪلورائيڊ ۽ عام لوڻ سوڊيم ڪلورائيڊ مان به ڪلورائيڊ کي ٻاهر ڪڍي ٿو.

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مٺي پاڻي ۾ به لوڻياٺ گڏ ٿي ان کي خراب ڪري رهي آهي ۽ رڳو آمريڪا ۾ ئي هر سال 272ميٽرڪ ٽن لوڻاٺ مٺي پاڻي ۾ گڏجي ان کي ڪڙو بڻائي رهيو آهي. هائيڊروجن تي ٻڌل ان ماليڪيول کي ٿري ڊي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان جي افاديت اربين ڀيرا وڌيڪ آهي. ان ڪيفيت ۾ اهو هڪ پنڄري جيان ڪم ڪندي لوڻ جي ذرڙن کي قابو ڪندو آهي.

پنهنجي نوعيت جي ان انوکي ماليڪيول ۾ ڪلورائيڊ پيوست ٿي ڪاربن هائيڊروجن ڦڙو ٺاهيندي آهي. ان ۾ ٽرائيزول قسم جي ماليڪيول شڪل کي استعمال ڪيو ويو جنهن تحت اهو هڪ سخت قسم جو پنڃرو بڻجي ويندو آهي جيڪو ڪلورائيڊ آئن کي پڪڙي سوگهو ڪندو آهي ڇو جو ان جي خالي جاءِ ويڪيوم جيان ڪم ڪندي آهي.

ڪلورائيڊ کي قابو ڪرڻ کان پوءِ به ماليڪيول پنهنجي شڪل برقرار رکندو آهي ۽ ان جي تياري ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳو آهي. ان ڊيزائن ڪيل ماليڪيول سان هاڻي کاري پاڻي کي سولائي سان مٺو بڻائي سگھجي ٿو.

واضح رهي ته اهو ماليڪيول تجربي واري جاءِ تي ٺاهيو ويو آهي ۽ في الحال ان جي آزمائش باقي آهي. ان کان پوءِ ئي ايندڙ مرحلي ۾ ان مان ڪو واٽر فلٽر ٺاهي سگھجي ٿو.

You might also like