عدالت آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ الڳ درخواست جي هدايت ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت اها هدايت جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ڪيس ۾ آصف زرداري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪئي.

ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري کا هدايتون وٺڻيون هيون پر کيس آندو ئي نه ويو، عدالت ۾ سندس موجودگي ضروري آهي، عدالت آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري.

جسٽس عامر فاروق سوال اٿاريو ته آصف زرداري گرفتار ٿي چڪو آهي، ڇا رياست کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي پابند آهي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالت پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ته پيش ڪري سگهجي ٿو.

نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته آصف زرداري جڊيشل لاڪ اپ ۾ نه جسماني رمانڊ تي آهي، اتان اسان کيس عدالت نٿا آڻي سگهون، جيڪڏهن عدالت پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري پوءِ ئي کيس عدالت ۾ پيش ڪري سگهون ٿا.

عدالت فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته آصف زرداري کي ڇوٽ ڏيارڻي آهي يا پروڊڪشن آرڊر گهرجن ته ان لاءِ الڳ درخواست داخل ڪرايو.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سڀاڻي تائين الڳ درخواست داخل ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like