شهباز شريف جي اسيمبلي تقرير تي فواد چوڌري جو رد عمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف جي تقرير غلط بياني کان سواءِ ڪجهه به ناهي، مخالف ڌر کي تقرير لاءِ لامحدود وقت ڏيڻ ٽيڪس جي پيسي کي ضايع ڪرڻ آهي.

تفصيل موجب سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهباز شريف جي طويل تقرير تي چيو ته مون اڄ اسيمبلي رولز ۾ ترميم جي تجويز ڪئي آهي، شهباز شريف صبح کان تقرير ڪري رهيو هو، شهباز شريف جي تقرير غلط بياني کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته تقرير جي وقت جي حد 45 منٽ هئڻ گهرجي، مخالف ڌر کي تقرير لاءِ لامحدود وقت ڏيڻ ٽيڪس جا پيسا ضايع ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.