آءِ سي سي عالمي ڪپ ۾ ھر ٽيم سان گڏ اينٽي ڪرپشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

دبئي ( ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪرڪيٽ ڪرپشن جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ پهريون ڀيرو عالمي ڪپ جي هر ٽيم سان گڏ ڌار ڌار اينٽي ڪرپشن آفيسر مقرر جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آءِ سي سي دعويٰ ڪئي آهي ته انگلينڊ ۽ ويلز ۾ 30 جون کان شروع ٿيندڙ عالمي ڪپ ڪرپشن فري هوندو.

اڱاري تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل عالمي ڪپ کي ڪرپشن کان بچائڻ لاءِ هر ٽيم سان گڏ ڌار ڌار اينٽي ڪرپشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ ماضي ۾ پنهنجي سسٽم تحت ڪم ڪندو هو پر هاڻ اينٽي ڪرپشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو مقصد رانديگرن تي ڪڙي نظر رکي ويندي.

برطانوي ميڊيا موجب آءِ سي سي جو عالمي ڪپ ۾ هر ٽيم سان گڏ ڪرپشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن آفيسر ٽيم سان گڏ هوٽل، گرائونڊ، بس، ٽريننگ ۽ ميچن دوران موجود رهندو، اينٽي ڪرپشن يونٽ جا آفيسرعالمي ڪپ جي سمورين ميچن کانسواءِ وارم اپ ميچن ۾ به ٽيم سان گڏ رهندا.

ان کان اڳ آءِ سي سي وينيو ٽو وينيو آفيشل مقرر ڪيا هئا.

You might also like