انگلينڊ ورلڊ ڪپ ۽ نيوزيلينڊ دليون کٽي ورتيون

سرمد سولنگي

هي عالمي ڪپ ته هيو ئي انگلينڊ جو ! جو جنهن ٽيم ۾ بهترين فاسٽ بالر هجن، بهترين ليگ اسپنر هجي، روٽ جهڙو ميچ ونر بيٽسمين ۽ آئن مورگن جهڙو ڪپتان هجي، جيسن راءِ ۽ جوني بيئرسٽو جهڙا اوپنر هجن ۽  سينچريون ڪرڻ جن جي عادت بڻجي وئي هجي ته ڪير چوندو ته اها ٽيم عالمي ڪپ کٽڻ جي اهل نه آهي. جڏهن ته ٽورنامنٽ جي  شروعات ۾ اڳ ڪٿيون ڪيو پئي ويون ته ڀارت ۽ انگلينڊ فائنل تائين جو سفر طئي ڪنديون، جڏهن ته آسٽريليا به انتهائي مضبوط ٽيم هئي، ڏکڻ آفريڪا مان ڪيئي اميدون هيون، پر نيوزيلينڊ ڪنهن به حوالي سان ان فهرست ۾ شامل نه هو. فائنل کيڏڻ تي پري جي ڳالهه، ڪو اهو به نه چئي رهيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل تائين به پهچي سگهندي. جيڪڏهن پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي عالمي ڪپ جي پهرين ميچ اهڙي خراب طريقي سان نه هارائي ها ته شايد وليمسن جي ٽيم گهڻو اڳ ئي واپس گهر موٽي چڪي هجي ها، پر سمورين اميدن کي مات ڏئي، قسمت جي ساٿ سان سڀني اڳ ڪٿين کي غلط ثابت ڪري اها ٽيم فائنل فور ۾ پهتي، پر فائنل فور ۾ به وليمسن اليون کي هڪ  ڪمزور اليون تصور ڪيو ويو، ايترو ڪمزور جو باقي ٽنهي سيمي فائنلٽس ٽيمن جي خواهش هئي ته سندن سيمي فائنل ڪيويز  خلاف ٿئي، اهي ٽيمون سمجهن پيون ته هيءَ هن ايونٽ جي ڪمزور ٽيم آهي ۽ ان خلاف مقابلي ۾ جيڪا ٽيم به ميدان تي لهندي سولائي سان عالمي ڪپ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري وٺندي، پر وليمسن اهو ڄاڻي ورتو هو ته اوپنرن جي خراب فارم سبب باقي ميچن جو دارومدار مٿس هوندو، جيڪڏهن سندس ٽيم ڪو به ذڪر جوڳو ٽوٽل ترتيب ڏئي ورتو ته سندس پيس اٽيڪ ڪنهن به بيٽنگ لائن کي تباهه نه سهي پر پريشان ضرور ڪندو.

ڪين وليمسن سڀني کي موهي وڌو

ڪيوي ٽيم! جنهن جا اوپنر  فارم ۾ نه هئا، جتي مڊل آرڊر ۾به ايڏي پختگي نه هئي اتي، وليمسن سموري ايونٽ ۾ اڪيلي سر بيٽنگ لائن جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو، ۽ پنهنجي راند سان سموري دنيا جي ڪرڪيٽ مداحن کي موهي وڌو کيس يادگار ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ٽورنامنٽ قرار ڏنو ويو.

مورگن مطمئن هو

آئن مورگن آڏو صورتحال بنهه واضح هئي کيس ٽيم سليڪشن کان ويندي گم پلاننگ تائين ڪنهن کان صلاح نه وٺڻي پئي، ڀلي وليمسن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي پر مورگن مطمئن هو ته سندن بالنگ اٽيڪ ڪيويز جي ڪمزور بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيندو.

فائنل مقابلي ۾ ڇا ٿيو؟

ميچ جي شروعات ۾ انگلش بالرن ايڏي تي ڪارائتي بالنگ ڪئي جو ڪيويز بيٽسمينن جا پير ٿڙڪڻ لڳا،  ڪيوي بيٽسمنن وٽ جوفرا آرچر، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ جي تيز بالن جو ڪو به جواب نه هو ۽ هينري نڪولس ۽ ٽام ليٿم کانسواءِ ڪو به بيٽسمين وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو، ۽ ڪيويز 241 رنسن جو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو، جيڪو انگلش ٽيم لاءِ ڪو وڏو هدف نه هو ڇاڪاڻ ته جنهن ٽيم گذريل ٻن ورهين دوران 350 يا ان کان مٿي جا ٽارگيٽ سيٽ ۽ پورا ڪيا هئا يقينن تنهن لاءِ 241 رنسن جو هدف ڪجهه به نه هو، پر انگلش ٽيم اهو وساري ويٺي ته نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ به تقريبن ان کي صورتحال ۾ ڀارت جهڙي مضبوط ٽيم کي مات ڏئي آيو هو ۽ لارڊز جي وڪيٽ پڻ فاسٽ بالنگ لاءِ سازگار هئي. جتي جيسن راءِ کي پاڻ سنڀالي اننگز کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ها، جوني بيئرسٽو ۽ جو روٽ کي به وڪيٽ جي صورتحال موجب پنهنجي شاٽ سليڪشن ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي ها، اتي اهڙو ڪجهه به ڏسڻ لاءِ نه مليو. ڀلي وڪيٽ بالرن لاءِ سازگار هئي، ڪيويز پيسر ڀرپور رڌم ۾ هئا پر ايتري ڊگهي ۽ ان فارم بيٽنگ لائن لاءِ اهو هدف ڪجهه به نه هو، رڳو وڪيٽ تي ٽڪڻ جي ضرورت هئي، مورگن شايد وڪيٽ سمجهڻ کان وڌيڪ عالمي ڪپ جي پريشر ۾ گم ٿي ويو،  جڏهن جوز بٽلر ۽ بين اسٽوڪس جي محنت جي نتيجي ۾ انگلش ٽيم هدف جي بنهه ويجهو اچي همت هارائي وئي ۽ ميچ برابر ٿي وئي تڏهن ڪرڪيٽ هڪ نئين تاريخ لکي ورتي ۽ عالمي ڪپ جي 44 ورهين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن فائنل مقابلي ۾ سُپر اوور جو استعمال ڪيو ويو، ، جنهن ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 15 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي سپر اوور ۾ 15 رنسون ئي ٺاهي ۽ آخري بال تي مارٽن گپٽل ٻي رنسن ٺاهيندي آئوٽ ٿي ويو. قائدن موجب آخر ۾ ميچ جو نتيجو ٻنهي ٽيمن جي هنيل بائونڊرين جي انگ تي ڪيو ويو ، انگلينڊ پهنجي پهرين اننگز ۾ 26 ۽ نيوزيلينڊ 17 بائونڊريون هنيو هيون ۽ اهڙي نموني سپر اوور ٽاءِ ٿيڻ باوجود عالمي ڪپ انگلينڊ کٽي ورتو! ۽ آءِ سي سي جي نه سمجهه ۾ ايندڙ قانونن نيوزيلينڊ جي محنت تي پاڻي هاري ڇڏيو. ۽ اهڙي ريت اهو ملڪ جنهن ڪرڪيٽ ٺاهي، اهو ملڪ جتي پهريان ٽي عالمي ڪپ کيڏيا ويا، اهو ملڪ جنهن پهرين پنجن ورلڊ ڪپ منجهان ٽن جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي،  پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو، آخرڪار 27 ورهين کانپوءِ عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهتو هڪ دلچسپ مقابلي کان پوءِ پنهنجي هوم گرائونڊ لارڊز جنهن کي ڪرڪيٽ جو گهر پڻ چيو ويندو آهي اتي پنهنجو پهريون عالمي ڪپ کٽي آئن مورگن نئين تاريخ لکي ڇڏي.

عالمي ڪپ 2019 خراب امپائرنگ سبب به ياد رهندو

ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع هڪ دلچسپ فائنل کانسواءِ بد قسمتي سان ٽورنامنٽ دوران خراب امپائرنگ سبب به ياد رکيو ويندو . هن ٽورنامنٽ ۾ ڪيئي اهڙا ميچ ٿيا جتي امپائرن جا تڪراري فيصلا ڏسڻ لاءِ مليا. پر سيمي فائنل مقابلي ۾ ڪمار ڌرما سينا جو جيسن راءِ کي غلط آئوٽ ڏيڻ  ۽ وري فائنل مقابلي ۾ ايرزمس جي روز ٽيلر خلاف فيصلي اڳوڻن ۽ هاڻوڪن ڪرڪيٽرن سميت شوقينن کي صفا چيڙائي وڌو، سوشل ميڊيا تي عالمي ڪپ ۾ امپائرنگ جي معيار کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

پر دليون نيوزيلينڊ کٽي ورتيون

ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهو عظيم ترين فائنل ته خراب امپائرنگ ۽ قسمت جي مهربان هئڻ سبب انگلستان جي نالي رهيو پر هن عالمي ڪپ جنهن ٽيم کي ڪنهن اهميت نه ٿي ڏني ان فائنل ۾ هڪ مضبوط حريف خلاف جنهن راند جو مظاهرو ڪيو اهو ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. فائنل جي نتيجي تي انگلينڊ کي چيمپيئن قرار ڏئي ڇڏيو پر دليون نيوزيلينڊ کٽي ورتيون.

You might also like