جونيءَ جو پاڪستاني بالرن کي ڪٽڪو، انگلينڊ  جبل جيڏو هدف آساني سان حاصل ڪري ورتو

 برسٽول( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ٽئين ون ڊي ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

انگلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 359 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي  45 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو ۽ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

انگلينڊ کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ٿي وئي آهي، هاڻ سيريز ۾ انگلينڊ کي شڪست نٿي ٿي سگهي، سيريز 2-2 سان برابر ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٻئي ميچون کٽڻيون پونديون، جڏهن ته انگلينڊ کي سيريز نالي ڪرڻ لاءِ صرف هڪ ڪاميابي گهربل آهي.

You might also like