نئين پاڪستان ۾ عوام جو معاشي قتل

مظهر ابڙو

هن وقت مهانگائي هن ملڪ جو سڀ کان وڏو عوامي مسئلو آهي، موجوده حڪومت ۾مهانگائي جنهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي وڌڻ سان غريب عوام سان گڏ وچولو ۽ سفيد پوش طبقو پڻ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ڏٺي ڏينهن بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، حالتون ٻڌائن ٿيون ته مهانگائيءَ جو جنُ بلڪل بي قابو ۽ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هن وقت حڪومت جون معاشي پاليسيون ملڪ کي انتشار طرف ڌڪي رهيون آهن، لڳي ٿو ته عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي خسارو پورو ڪرڻ ئي حڪومت جي پهرين ۽ آخري پاليسي آهي. ڪٿي آهن اهي ڪنٽينر وارا جيڪي چوندا هئا ته، مهانگائي هجي ته سمجهو حڪمران چور آهن.

11 جون تي تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ”آءِ ايم ايف“ جي شرطن تحت تيار ڪري قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل سندن پهرين بجيٽ اصل ۾ ملڪ جي اٻوجهه عوام جي معاشي قتل مثل آهي. جڏهن ته حڪمران طبقي جون عياشيءَ واريون زندگيون پنهنجي دستور موجب جاري ۽ ساري آهن. بجيٽ پيش ڪندڙ ۽ انهيءَ تي پريس ڪانفرنسون ۽ تقريرون ڪندڙ شديد گرميءَ ۾ به ڪوٽ ۽ ٽايون پائي ”ٽي وي“ اسڪرين تي گفتگو ڪندي نظر اچن ٿا جڏهن ته عوام شديد گرميءَ ۽ لوڊشيڊنگ ۾ سڙي رهيو آهي. هڪ پاسي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ جي ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو لڙهندا ٿا رهن ته ٻئي طرف زندگيون دوزخ بڻجي چڪيون آهن، پر حڪمران طبقي جون عياشيون گهٽجڻ بجاءِ وڌنديون پيون وڃن. اهي پهريان کان وڌيڪ مهانگين گاڏين، لباس، خوراڪ ۽ رهائش کان لطف اندوز ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ان صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته  هِيءَ بجيٽ رڳو عوام کي وڌيڪ ذلت جي زندگيءَ ۾ ڌڪڻ ۽ پنهنجي عياشين کي جاري رکڻ جي هڪ ڪوشش تحت پيش ڪئي وئي آهي.

پاڪستان جي تقريبن ٻه ڏهائي آمدني اڻ سڌي طرح ٽيڪسن ذريعي حاصل ٿيندي آهي، جن جو بار امير طبقي بجاءِ محنت ڪش عوام تي وڌيڪ وڌو ويندو آهي. اهڙي طرح سڌو سنئون ٽيڪسن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو هڪ وڏو حصو پگهار دار طبقي تي مڙهيل ”انڪم ٽيڪس“ ۽ وچولي واپاري طبقي تي ”ودهولڊنگ ٽيڪس“ ( بئنڪ مان پئسا ڪڍائڻ تي عائد ٽيڪس) ذريعي حاصل ٿيندو آهي.

”آء ايم ايف”  جي شرطن تي مڙهيل موجوده ٽيڪسن جي تڪليف پڻ پورهيت طبقي ۽ مڊل ڪلاس تي هوندي. مثال طور، حڪومت  کاڄرو تيل، اناج، کنڊ، گهريلو سامان، گوشت، مڇي، پولٽري، روزانه استعمال جي سامان، بنيادي اليڪٽرانڪس سميت سوين شين تي ”جي ايس ٽيءَ“ جي رعايت ختم ڪندي 17 سيڪڙو ”اسٽينڊرڊ جنرل سيلز ٽيڪس“ لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ساڳي ريت ننڍين ڪارن، موٽر سائيڪلن، سيمينٽ ۽ خوردني تيل سميت مختلف اسمن تي ”فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي“ پڻ لاڳو ڪئي ويئي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان جهڙي صنعتي لحاظ کان ڪمزور ملڪ ۾ روزاني استعمال جي هر شيءِ پنهنجي پيدوار لاءِ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان درآمدي مال تي انحصار ڪندي آهي. اڻ سڌين ٽيڪسن جي اها ڀرمار ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ اضافي جو باعث بڻجندي عوامي زندگيءَ کي پستيءَ جي گهراين ۾ ڌڪي ڇڏيندي. ان طرح پگهاردار طبقي ۽ وچولن واپارين کي گذريل سال جي بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ڏنل ڇوٽِ نه رڳو واپس ورتي ويئي آهي، پر ان ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو ويو آهي، ان جي برعڪس وڏين ڪمپنين جي منافعي تي لڳندڙ ”ڪارپوريٽ ٽيڪس“ کي گذريل سال جي سطح (29 سيڪڙو) تي ئي منجمند ڪيو ويو آهي. ارب پتي ماڻهن ۽ وڏن ڪاروبارن تي لڳندڙ ”سپر ٽيڪس“ ۾ پڻ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج تي به ڪو اضافي ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، اميرن جي اثاثن تي عائد ”ويلٿ ٽيڪس“ (جنهن کي مشرف جي آمريت واري دور ۾ 2003ع ۾ ختم ڪيو ويو هو) کي پڻ بحال نه ڪيو ويو آهي. گذريل جنوريءَ ۾ پيش ڪيل ”فنانس سپليمينٽري بل 2019ع“ ۾ سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن کي ڏنل کربين روپين جي ٽيڪس مراعتن ۽ سبسڊيءَ کي پڻ جيئن جو تيئن قائم رکيو ويو آهي. اڳتي وڌڻ کان اڳ اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته ”ايف بي آر“ سال 2018-19 جي ٽيڪس آمدن ۾ جي حدف يعني 4400 ارب روپين مان مشڪل سان 3600 ارب وصول ڪيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب سرمائيدار طبقي پاران ٿيندڙ ”ٽيڪس چوري“ آهي، جيڪا ڪرپٽ سرڪاري اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان ڪئي ويندي آهي. مسئلو هِي آهي ته هاڻ پاڪستان ”آءِ ايم ايف“ سان قرض جو معاهدو ڪري چڪو آهي، جنهن تحت حڪومت بجيٽ ۾ مقرر ڪيل ٽيڪسن جو حدف پورو ڪرڻ لاءِ پابند آهي. ۽ ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف پاران ڪابه نرمي اختيار نه ڪئي ويندي. مالي سال 2019-20 ۾ ”ايف بي آر“ کي ٽيڪس وصوليءَ ۾ 1950 ارب وصول ڪرڻا پوندا، پر جيئن ته ٽيڪس چور سرمائيدارن کان وصولي ڪرڻ رياست جي ترجيحن ۾ شامل ئي ڪونهي ۽ نه ئي اها اهڙي قابليت رکي ٿي، تنهنڪري معاشي بحران جو اهو سمورو بار عوام جي ڪلهن تي رکيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هڪ طرف ريڙهيءَ وارن کان ويندي گهرن ۾ ٻهاري پوچي ڪندڙ ماسين کي ٽيڪس جي زمري ۾ آندو ويو آهي ته ٻئي پاسي نيلامي ڪپڙن جي خريداريءَ  کان وٺي برسات ۾ وهنجڻ ۽ فقيرن کي خيرات ڏيڻ تي پڻ ٽيڪس عائد ڪئي ويئي آهي. نه رڳو ايترو پر مرڻ کان پوءِ پاڪستاني عوام جي قبرن تي پڻ ٽيڪس مڙهي ويئي آهي. اهو سلسلو اتي ختم ڪونه ٿيو آهي، پر چيو وڃي ٿو ته ان مقصد لاءِ نون ٽيڪسن جي ڀرمار کڻي ”مني بجيٽن“ جو سلسلو سڄو سال جاري رهندو.

گذريل ٻن سالن ۾ رپئي جي قيمت ۾ چاليهه سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، پر حڪومت مزدور جي اُجرت ۾ رڳو ”هڪ هزار“ جو اضافو ڪيو آهي، جيڪا محنت ڪشن سان هڪ بيحوده مزاڪ آهي. ساڳي طرح تازي پيش ڪيل بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪيل اضافو پڻ ايترو ته معمولي آهي جنهن کي ”علامتي“ قرار ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي ريت حڪومت بجيٽ ۾ سبسڊيءَ جي مد ۾ 271 ارب روپيا رکيا آهن، پر ان جو به هڪ وڏو ۽ قابل ذڪر حصو بجلي ۽ گئس جي مد ۾ صنعتڪارن کي سبسڊي ڏيڻ تي خرچ ٿيندو. باقي رقم ”بينظير انڪم سپورٽ پروگرام“ ۽ ”احساس پروگرام“ جهڙن قوم کي پينو بنائيندڙ منصوبن لاءِ رکي ويئي آهي. قصو مختصر ڪندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ”آءِ ايم ايف“ جي تباهه ڪندڙ شرطن تحت پيش ڪيل بجيٽ جي نتيجي ۾ ايندڙ وقت ۾ روپيو پنهنجي زوال جو سفر جاري رکندو. ڪجهه ماهرن مطابق جون 2020ع تائين هڪ ڊالر 180 کان 200 روپين جو ٿي چڪو هوندو. جنهن سان مهانگائيءَ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو، ساڳي طرح وياج جي شرح ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ”آءِ ايم ايف“ جي شرطن تحت صحت ۽ تعليم سميت بيشمار سرڪاري ادارن جي وحشياڻي نجڪاري ڪئي ويندي، جيڪا وسيع سماجي بربادي ۽ بي تحاشا بيروزگاريءَ کي جنم ڏيندي.

پاڪستان ۾ موجوده مهانگائيءَ جو جائزو ورتو وڃي ته ان جا بنيادي ڪارڻ روپئي جي بي قدري ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي صورت ۾ نظر ايندا. ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ۽ تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب اسان جي ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو وڌڻ معمول بڻيل آهي. هلندڙ سال ۾ ملڪ ۾ اٽڪل 57 شين جي قيمتن ۾ اوچتو غير معمولي اضافو ٿي چڪو آهي، جن ۾ مرغي، آنو، ڳاڙها مرچ، ايل پي جي سيلنڊر، چانور، ڪڻڪ ۽ کنڊ سميت ڪيتريون شيون مهانگيون ٿي چڪيون آهن، اهي سڀئي شيون اهڙيون آهن جيڪي پاڪستاني عوام جي بنيادي ضرورتن ۾ شامل آهن، جن کان سواءِ عوام جو گذارو ممڪن ئي ڪونهي. انهن شين جي اگهن ۾ اضافي اڳ ئي مهانگائيءَ سبب پريشان پاڪستاني عوام تي اضافي بار وجهي ڇڏيو آهي ۽ ”يوٽلٽي بلن“ ته ويتر عوام جي چيلهه ئي چِٻي ڪري وڌي آهي.

پاڪستاني وزير اعظم عمران خان جي خزاني واري مشير حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي غير ملڪي قرضن جو بار 90 بلين ڊالر کان وڌي چڪو آهي، ان لاءِ پاڪستان آءِ ايم ايف کان ڇهه بلين ڊالر جو قرض کڻندو. ان کان علاوه ايندڙ ٽن سالن دوران ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان پڻ ٻن کان ٽي بلين ڊالر جو قرض حاصل ڪيو ويندو. ”آءِ ايم ايف“ چاهي ٿو ته 800 ارب روپيا ٽيڪس جي مد ۾ جمع ڪيا وڃن، لهٰذا اهو طعي آهي ته ايندڙ وقت ۾ بي روزگاريءَ سان گڏ مهانگائيءَ ۾ اڃا اضافو ايندو.

هن وقت صورتحال اها آهي ته پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ”آءِ ايم ايف“ پاڪستان ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ٻڌائي پيو ته ڇا ڪرڻو آهي، پئسو ڪيئن خرچ ڪرڻو آهي، ڪيترو پئسو بچائڻو آهي، ڪهڙي پاليسي ڪيترو عرصو هلائڻي آهي ۽ پاليسي ٺاهڻي ڪيئن آهي؟  ”آءِ ايم ايف“ پنهنجي شرطن تي اسانکي ”بيل آئوٽ پيڪيج“ ڏنو آهي، پئسا ڏيڻ واري شرط رکي ڇڏيا ۽ وٺڻ واري اهي قبول ڪري ڇڏيا. ”مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس، پر قرض نه کڻندس“ جو نعرو اوهان کي ووٽ ته ڏياري سگهي ٿو، پر ووٽ کانپوءِ اوهان کي دراصل ”نوٽ“ گهرجن، ۽ اها حقيقت عالم آشڪارآهي ته، پيسا سياسي بيان نه، پر ”آءِ ايم ايف“ ڏيندو آهي!

گذريل اٺن مهينن دوران عوام مٿان مهانگائيءَ جو ايٽم بم ڪيرائڻ کان علاوه سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات ۽ چين سميت تقريبن هر ان ملڪ کان قرض کنيا ويا آهن جن کان ملڻ جي اميد هئي. گذريل حڪومتن پنهنجي دورن ۾ نه رڳو پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون برقرار رکيون هيون، پر ڊالر کي گهڻو مٿي اڏامڻ کان پڻ روڪي رکيو هو، ان کان علاوه ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪجهه اهڙا منصوبا پڻ شروع ڪيا ويا هئا جن سان ملڪي معيشيت ۾ ڪجهه بهتري اچڻ لڳي هئي، پر تبديلي سرڪار سڀني ڳالهين کي پاسي تي رکي رڳو مهانگائيءَ ذريعي ٽيڪس ڪٺو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي ۽ مهانگائيءَ جا پراڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته وزير اعظم عمران خان هر ڳالهه تي لاعلمي ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪندي نظر ٿو اچي. کيس قطعي اهو احساس ڪونهي ته سندس وزير مشير کيس عوامي مسئلن جي حقيقي تصوير نه ڏيکاريندي کيس گمراهه ڪري رهيا آهن. وزير اعظم جي لاعلمي کيس عوام ۾ غير مقبول ڪري رهي آهي.

تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائيندي آهي ۽ گذريل زمانا موٽي ايندا آهن، جيئن اڄڪلهه مهانگائيءَ پاڪستاني عوام کي پراڻي زماني وانگر گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اسان اڄ به بجليءَ کان بغير گذاريون ٿا، پاڻي ڪٺو ڪري حفاظت سان استعمال ڪريون ٿا، گوشت هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو کائون ٿا ۽ زندگيءَ ۾ سادگي اختيار ڪريون ٿا، ڇو ته ضرورت جي شين جون قيمتون عوام جي پهچ کان ڏينهون ڏينهن پري ٿيڻ اسان وٽ معمول بڻجي چڪو آهي.

مهانگائي حد کان وڌي وڃي ته بُک جو باعث بڻبي آهي ۽ بُک ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي. خالي پيٽ ۾ جڏهن بُک جا ٽانڊا ڄرڪندا آهن ته تهذيب ۽ تمدن جي سمورن دليلن کي ساڙي ڇار ڪري ڇڏيندا آهن. تڏهن ته چيو ويو آهي ته، بُک مٽائڻ خاطر جيڪڏهن ڪير ماني چوري ڪري ته ماني چورائيندڙ جو نه، پر وقت جي حاڪم جو هٿ وڍيو وڃي.

تبديل ٿيل نئين پاڪستان ۾ اڳ ئي مهانگائيءَ جو ستايل عوام وڌيڪ مشڪلن ۽ اذيتن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. حڪمران پارٽي جيڪا تبديليءَ جو نعرو کڻي آئي هئي، پنهنجا سمورا واعدا وساري ويٺي آهي. کيس ان ڳالهه جو ذري برابر به احساس ڪونهي ته عوام جي زندگي ڏينهون ڏينهن دوزخ جهڙي ٿيندي پئي وڃي، وزير اعظم عمران خان جا ساٿي ۽ صلاحڪار کيس ”سڀ ٺيڪ آهي“ جون رپورٽون ڏيندا ٿا رهن. مهانگائيءَ سان گڏو گڏ تبديلي سرڪار جو هڪ ڪارنامو اهو به آهي ته ان جي ناتجربيڪاري ۽ غير سنجيدگيءَ سبب بيروزگاريءَ ۾ پڻ زبردست اظافو ٿيندو پيو وڃي. حڪومت جي غير سنجيده قدمن سبب ڪيترا ماڻهو خودڪشيءَ لاءِ آماده نظر پيا اچن. آخر ۾ اهو چوندس ته هن وقت عمران خان کي مهانگائيءَ تي پڻ ”يو ٽرن“ وٺڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ عوام جو سمنڊ روڊن تي نڪري آيو ته احتجاج جو اکُٽ سلسلو شروع ٿي ويندو، ۽ اهڙو وقت گهڻو پري نظر نٿو اچي.

You might also like