ڪيڪ رسڪ تيار ڪرڻ جو طريقو

شام جي چانهه جو وقت اهڙو هوندو آهي جڏهن چانهه سان گڏ ڪجهه کائڻ تي دل ضرور چوندي آهي، پوءِ ڀلي سموسا هجن، پڪوڙا يا وري پٽاٽن جي چپس هجي. پر ڪيڪ رسڪ به هڪ بهترين آپشن مڃيو ويندو آهي، ۽ ماڻهو چانهه سان گڏ ان کي شوق سان کائيندا آهن.

پر هر ڪنهن کي بازاري  پڪوان کائڻ پسند ناهن هوندو، ڪنهن کي ذائقو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ڪنهن کي وري ان کي تيار ڪرڻ ۾ صفائي جو خيال رهندو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڇا ڪارو لوڻ عام لوڻ کان وڌيڪ فائديمند آهي..؟

جيڪڏهن اوهان جي دل چانهه سان گڏ ڪيڪ رسڪ کائڻ جو چئي رهي هجي ۽ بازار مان وٺڻ نه چاهيندا هجو يا موجود نه هجي ته هيٺ ڏنل سولي رڪيب سان ڪيڪ رسڪ گھر ۾ تيار ڪري وٺو.

شيون:

ٻه ڪوپ اٽو

6 بيضا

225 گرام مکڻ

وينلا ايسنس چانهه چانهه جا ٻه چمچا

بيڪنگ پائوڊر (ليول) چانهه جا ٽئي چمچا

لوڻ چانهه جو  اڌ چمچو

سوا ڪوپ کنڊ جو پائوڊر

اورنج فوڊ ڪلر

تيار ڪرڻ جو طريقو :

اوون کي 350 ڊگري فارن هائيٽ تي هلايو، مکڻ ۽ بيضن کي ڪنهن ڪيڪ مڪسر ۾ وجهو.

پوءِ ان ۾ کنڊ ۽ ونيلا کي شامل ڪري مڪس ڪري وٺو، ان کان پوءِ سڀئي خشڪ شيون ۽ فوڊ ڪلر ان ۾ شامل ڪري گڏايو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: انب ۽ ڪيلي جو گڏيل ذائقو رکندڙ ميوو

هڪ ڀيرو جڏهن ڪيڪ جو مڪسچر تيار ٿي وڄي ته ان کي 8×8 انچ پين ۾ وجهي 55 منٽن تائين پچايو.

جڏهن ڪيڪ تيار ٿي وڃي ته ان کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ان جا ٽڪر ڪريو، انهن کي ٻيهر اوون ۾ رکي 300 ڊگري فارن هائيٽ تي 20 منٽن تائين پچايو. پوءِ ٿڌو ۽ سخت ٿيڻ ڏيو، جنهن کان پوءِ انهن کي چانهه، کير يا ڪافي جي ڪپ سان مزو وٺي کائو، جيڪڏهن چاهيو ته ٿانو ۾ رکي اسٽور به ڪري سگھجن ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.