حڪومت اڪيلي سِر  مسئلا حل نٿي ڪري سگهي….! وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وڌندڙ آبادي سان قومي مسئلو ۽ خطرو بڻجي اڀري رهي آهي،  حڪومت اڪيلي سِر مسئلا حل نٿي ڪري سگهي،  قوم کي آبادي بابت نظرين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

تفصيل موجب خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي آبادي ۾ گذريل 30 سالن ۾ ٻيڻي واڌ ٿي آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آبادي 60 سال ۾ ٻيڻي ٿيندي آهي، وڌندڙ آبادي قومي مسئلو ۽ خطرو بڻجي اڀري رهي آهي.

ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو چوڻ هو ته آبادي ۾ تيزي سان واڌ ڳڻتي جوڳو ۽ قومي مسئلو آهي، آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبائي سطح تي بندوبستن جي ضرورت آهي، حڪومت بنيادي سهولتن جي فراهمي تي ڪم ڪري رهي آهي.

خاص مددگار چيو ته موثر ۽ سنجيده بندوبستن سان ملڪي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، آبادي ۾ واڌ سبب صحت ۽ تعليم جي سهولتن جو نقدان آهي ۽ عوام کي سهولتن جي فراهم جي لاءِ خانگي ۽ سرڪاري شراڪتداري اڻٽر آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت اڪيلي سر مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، قوم کي آبادي بابت نظرين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

You might also like