وزيراعظم جي ڪنهن جا به پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ عوامي مسلم ليگ ميمبرن به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن وارا چور آهن، دنيا ۾ ڪٿي به ڏوهاري پروڊڪشن آرڊر تي ايوان ۾ اچي حڪومت ۽ وزيراعظم خلاف تقرير ناهن ڪندا، آصف زرداري سميت ڪنهن جا به پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيندا.

هن حڪومتي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير دوران مداخلت ڪئي وڃي ۽ کيس خطاب ڪرڻ نه ڏنو وڃي، ائين نه ٿئي جو توهان اپوزيشن ميمبرن سان گڏ ڪيفي ٽيريا ۾ ويهي ڪچهري ڪيو ۽ چانهه پيئو.

وزيراعظم چيو ته قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي پنهنجا ڀِڀَ ڀريندڙ قومي ڏوهاري آهن، تنهن ڪري انهن سان ڏوهارين وارو ورتاءَ ڪرڻ گهرجي.

ان دوران حڪومتي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل چيو ته وزيراعظم صاحب هٿ ٿو ٻڌان اسان کي بجيٽ منظور ڪرائڻي آهي، احتجاج نه ڪيو، جنهن تي عمران خان چيو ته توهان کي ناهي خبر اهي ڏوهاري آهن، انهن خلاف اهو سڀ ڪرڻ ضروري آهي.

وزيراعظم اهو به چيو ته اپوزيشن کان ضمانت وٺو اهي خاموش رهي مون کي تقرير ڪرڻ ڏين، جنهن تي ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته اهي ڦِري ويندا.

اجلاس دوران اتحادي جماعت جي ميمبر خالد مگسي پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم صاحب ڇا اتحادي توهان سان گڏ رهندا؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مان اڪيلو آيو هيس، ڪير رهي يا نه رهي مان انهن خلاف وڙهندس.

حڪومتي ميمبر نصرالله دريشڪ وزيراعظم کي خراج پيش ڪندي چيو ته رب پاڪ توهان ئي ملڪ بچائڻ لاءِ موڪليو آهي، جنهن تي ايم ڪيو ايم ميمبر اساما قادري چيو ته اسان به هڪ شخص جون ڏاڍيون تعريفون ڪيوسين، اڄ اهو ٻاهر ويٺو آهي، جنهن تي عمران خان چيو ته ڇا مان به ملڪ ڇڏي ويندس؟

اجلاس دوران اسيمبلي ميمبر شڪور شاد وزيراعظم کي شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف پوسٽر ڏيکاريا، جنهن تي عمران خان کِلندي کيس ساراهيو.

واضح رهي ته اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جا ميمبر شريڪ نه ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.