رپورٽ: ڌاٻيجي: نيٺ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪير لهندو سار……

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڌاٻيجي: نيٺ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪير لهندو سار......
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڌاٻيجي: نيٺ تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪير لهندو سار......

 

سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري تاريخي ماڳ ڀنڀور چوماسي جي برسات سبب ميسارجي رهيو آهي.

ثقافت کاتي پاران لڳاتار نظر انداز ڪرڻ سبب مينهن کانپوءِ تاريخي ورثي ڀنڀور جا قلعا ڀڄي ڀري رهيا آهن

ڀنڀور جي قلعن سان گذريل ڪجھ عرصو پهريان هٿ چراند ڪئي وئي جتي تاريخي قلعن جا اصل پٿر ڪڍي سندس جاءِ تي جهمپير ۽ ڪهينجر جا ڳاڙها پٿر هنيا ويا هئا، جنهن جي عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران نشاندهي به ڪئي هئي

ثقافت کاتي جي لاپرواهي سبب عيد کان هڪ ڏيهاڙي اڳ تيز برسات پوڻ سبب تاريخي ماڳ ڏانهن ويندڙ مک قلعا مڪمل طور تي وهي ڪري ڊهي ويا ۽ ڪجھ قلعن کي ڏار به پئجي ويا آهن. جڏهن ته وڌيڪ برسات پوڻ سبب وڌيڪ قلعا ڊھڻ جو پڻ خطرو وڌي ويو آهي……………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.