ڇا شرڌا شادي ڪري رهي آهي….؟ شڪتي ڪپور جو حيرت جوڳو ردعمل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار شڪتي ڪپور پنهنجي نياڻي اداڪارا شرڌا ڪپور جي شادي وارين خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ جي شادي ٿي رهي آهي ۽ مونکي خبر ئي ناهي.

 

بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه اداڪارا شرڌا ڪپور جي شادي جا چرچا ٿي رهيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته شرڌا ايندڙ سال فوٽوگرافر روهن شريشٿا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي.  پرڏيهي ميڊيا ايستائين چئي رهي آهي ته شرڌا ڪپور جي شادي جون تيارين جي شروعات به ٿي چڪي آهي، پر حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته شڪتي ڪپور پنهنجي نياڻي جي شادي کان واقف ئي ناهي.

 

ان ڏس ۾ جڏهن شڪتي ڪپور سان ڳالهه ڪئي وئي ته پهريان ته هو پنهنجي نياڻي جي شادي جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويو، بعد ۾ هن چيو ته ڇا اهو سچ آهي منهنجي ڌيءَ شادي ڪري رهي آهي؟ مهرباني ڪري مونکي شادي جي دعوت ڏيڻ نه وسارجو.

 

شڪتي ڪپور وڌيڪ چيو ته مونکي ٻڌايو ته اها شادي ڪٿي ٿي رهي آهي، آئون ضرور ويندس، مان شرڌا ڪپور جو پيءُ آهيان ۽ مونکي ئي نياڻي جي شادي جي خبر ناهي تنهنڪري مونکي ان باري ۾ ٻڌايو.

 

شڪتي ڪپور جي ان ردعمل مان صاف ظاهر آهي ته شرڌا جي شادي جون خبرون افواهن کانسواءِ ڪجهه ناهن جڏهن ته اداڪارا طرفان به سندس خبرن جا ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.

 

 

You might also like