Browsing Category

اڄ جي اخبار

ڊاڪٽر نمرتا جي قتل جو هڪ ڪارڻ!؟

سچ چيو اٿن ته ٻاهر دشمن کان اندر جو ويري خطرناڪ هوندو آهي، جئين انسان جون جسماني بيماريون اوچتو ظاهر ٿي پون ٿيون. چڱو ڀلو نئون بنون ماڻهو وڃيو کٽ وٺي بيماري جي هڪدم خبر پوڻ ڪري انجو علاج ٿيو وڃي. مگر ڪي اهڙا مرض به آهن جن جو ظاهري طرح نه…

سرمائيداري ”سماجي نظام“ نه پر قومن ۽ رياستن مٿان مڙهيل ”سماجي انتشار“ آهي

نوٽ: فطرتي توڙي سماجي نظامن جي اڏاوت کي ٻولي جي شڪل ڏيڻ وقت، ڪوشش ڪري، ابتڙن کي هڪٻئي ”سان-گَڏ“ (Together-With) لکڻ ضروري آهي_ مثال، انقلاب سان گڏ ارتقا، متحرڪ سان گڏ سڪون، قديم سان گڏ جديد، عمل سان گڏ حالت، مقدار سان گڏ معيار، مادي سان گڏ…

سنڌ جي سجاڳي ۽ نيون للڪارون ؟

تمام گهڻي سرهائي واري ڳالهه آهي ته، سموري قوم ۾ سنڌ جي ورهاڱي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ  واري ويساهه گهاتي ۽ سازش خلاف پيدا ٿيل وڏي عوامي ردعمل ۽ سنڌ اسيمبلي  سنڌ جي حڪومت طرفان بروقت ۽ سگهارا اپاء کڻڻ ۽ سخت ردعمل ظاهر ڪرڻ ۽ صوبي جي چونڊيل…

امن ۽ انسانيت جي بقا جو سوال….

انسان هاڻي پنهنجي شعور جي انهيءَ منزل تي آهي جتي پهچڻ ۾ کيس اربين سالن جو سفر طئه ڪرڻو پيو آهي ۽ پڪ سان تاريخ جون هي ٽي صديون سترهين، ارڙهين ۽ اڻويهين انساني تاريخ ۾ انتهائي اهم آهن ۽ انهن صدين مان اڻويهين صدي وري ڪيترن ئي حوالن سان اهم…

ڇا سنڌ سان اسان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪريون ٿا؟

اڻويهه سئو اٺانوي جي ڳالهه آهي، سينيٽر مشاهد حسين سيد نواز شريف حڪومت ۾ اطلاعات جو وزير ته هو پر سياحت واري وزارت جو قلمدان به وٽس هو. هن اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ سال اڻويهه سئو نوانوي کي وزٽ پاڪستان سال طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو…

سياست جو ٻارنهون رانديگر

پاڪستان جي سياست جي اهم ميچ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ ٽه ماهيءَ جي ٽوئنٽي ٽوئنٽي ميچ شروع ٿي وئي آهي، نيون نيون ٽيمون وجود ۾ اچي رهيون آهن ۽ مقابلي لاءِ هڪ ٻئي کي چيلنچ به ڪيو پيو وڃي ته چتاءَ به ڏنا پيا وڃن. مخالف ڌر پنهنجي صف…

نمرتا جو ڪيس ۽ سوشل ميڊيا برگيڊ

سنڌ اندر جڏهن به ڪو واقعو پيش اچي ٿو، سوشل ميڊيا برگيڊ پوري طرح سان ان تي تبصرا ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿي، منهنجي خيال ۾ سوشل ميڊيا جو جهڙي ريت استعمال اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي اهڙو استعمال ٻيو ڪٿي به نه ٿيندو هوندو. ان ڏس ۾ ڪيترائي مثال اسان…

سنڌ جي ورهاڱي وارو خواب ڪڏهن ساڀيان نه ٿيندو

پاڪستان جو وجود هن دنيا ۾ جڏهن  ظاهر ٿيو ان وقت اهو تاثر ڏنو ويو هئو  ته هي ملڪ آزاد مسلم رياستن جو مجموعو هوندو جنهن ۾ سڀن کي پنهنجي قدرتي نعمتن  دولت ۽ ثقافت تي اختيار هوندو پر پاڪستان ٺهڻ جي ڪجھه ئي عرصي بعد هتان جي عوام کي ون يونٽ  جي…

سنڌ اسيمبلي ۾خورشيد شاهه جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ پاس، نيب پي ٽي آءِ خلاف ڇو ڪارروائي نه ٿي ڪري: پ پ

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان نيب هٿان پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ منظور، ڊاڪٽر نمرتا واقعي تي سرڪار پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري، مخالف ڌر پاران ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي، احتجاج، سرڪاري ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾…

نيب جيتري رقم جو الزام لڳايو آهي، 15 سيڪڙو ڏئي باقي پاڻ کڻي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) نيب جي حراست ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد چيو آهي ته جيترن پئسن جو الزام هنيو ويو آهي ان مان 15 سيڪڙومون کي ڏئي باقي نيب پاڻ کڻي گذريل ڏينهن پ پ اڳواڻ خورشيد  شاهه  جي طبيعت خراب ٿي هئي جنهن بعد کيس پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو…