Browsing Category

عوامي آواز ٽي وي

اوٻاوڙو: تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ خير محمد تڙت ۾ ڪارنھن الزام تان تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، پوليس ٻنهي ڌرين کي علاج لاء ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ، ڪارنهن هيٺ آيل نوجوان  ظھور احمد تڙت جي…

هالا: غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن، غريبن جا گهر ڊاهڻ تي عورتن جون دانهون

هالا ۾ ايريگيشن انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنر هالا جي موجودگي ۾ شاخ جي ڪپرن تي موجود گهرن، واڙن، هوٽلن، دڪانن کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن شروع.ڪيو ويو،ايريگيشن عملي پوليس جي وڏي نفري ساڻ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيو ويو ، آپريشن ۾ گهر ڊاهڻ دوران…

بدين:عورت کي گولي هڻي زخمي ڪندڙ ڊاڪٽر جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

بدين ۾ عورت کي گولي ھڻي زخمي ڪندڙ ڊاڪٽر جي گرفتاري لاءِ عورت جي وارثن پارا ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ٻه ڏينهن اڳ  پير  ملوڪ شاھ پاڙي ۾ رهندڙ عورت مسمات ذليخان زال احسان ڀرڳڙي کي سندس ئي مائٽ ڊاڪٽر سيف الله…

مومل جي ماڙي:ناليواروصحافي، اديب سياسي اڳواڻ سيد اختر بخاري جو لاڏاڻو

اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ جو چيئرمين، ناليوارو صحافي، اديب محقق ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي سيد اختر بخاري  74  ورهين جي ڄمار ۾ شوگر ۽ بلڊ ڪينسر سبب سول اسپتال سکر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو , مرحوم جو مڙھ سندس ابائي شهر مومل جي ماڙي آندو…

پي ٽي آئي جي سياست رڳو ڪوڙ ۽ ڊرامي بازي تي ٻڌل آهي:اعجاز جکراڻي

سکر جي احتساب عدالت جيڪب آباد جي پراونشل ھاءِ ويز مشينري مينٽنيس ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ،پي پي اڳواڻ اعجاز جکراڻي۽ ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت مختصر ڪاروائي بعد ريفريس ڪيس  جي ڪارروائي  16 مارچ تائين…

کپرو: رونجها ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،3 ڄڻا زخمي

کپرولڳ کاڻي روڊ تي رونجھا ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب مري برادري جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ امير حسن مري، عباس مري ۽ آصف سولنگي شامل آهن. زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال…

ميرپور بٺورو جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل، ٻار پريشان

تعليم کاتي جي عدم دلچسپي سبب ميرپوربٺورو جو پرائمري اسڪول تاجن سميجو بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، پرائمري اسڪول ۾ داخل  پنجن ڪلاسن تائين جي 90 شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ ئي استاد مقرر ٿيل آهي جڏهن ته فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارڙا بينچن بدران سرن…

کپرو: ينگ سوشل ريفارمرس فائونڊيشن ۽ ڊان آرگنائيزيشن پاران مفت طبي ڪئمپ

ينگ سوشل ريفارمرس فائونڊيشن ۽ ڊان ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي گڏيل سهڪار سان کپرو لڳ ڳوٺ گلزار شر ۾ برسات متاثرين ماڻهن  لاءِ  هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويئي. ڪئمپ جو افتتاح پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي جي صدر امتياز حسين درس جن ڪيو. هن چيو ته…

راڄو خاناڻي: لنڪ روڊ تعمير نه ٿيڻ سبب علائقي واسي سخت پرِيشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

راڄو خاناڻي  ۽ ڀرپاسي لنڪ روڊ تعمير نه ٿيڻ سبب علائقي واسي سخت پرِيشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ، ماتلي مين روڊ جي نظاماڻي بس اسٽاپ وٽان نڪرندڙ  بڊو قمبراڻي ٻھرو صاحب لغاري مين روڊ ، پير واھ ڏھون واٽر بس اسٽاپ ٽنڊو غلام علي روڊ تائين ۽ ڳوٺ محمد…