لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته موٽر سائيڪلن جي ورهاست روڪڻ جي ڪيس ۾ جج صاحب جي ريمارڪس تي کِل اچي وئي.
مريم نواز موجب عدالت چيو ته ڇوڪرا بائيڪ ڪاهي ڇوڪرين جي ڪاليج سامهون ويندا، جن کي وڃڻو آهي اهي ته هونئن به هليا ويندا.
هن چيو ته عدالت چيو ڇوڪرا بائيڪن تي ون ويلنگ ڪندا، منهنجي خيال ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس سان ون ويلنگ نه ٿي سگهندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ کان روڪيندي تفصيل طلب ڪيا هئا.
You might also like