واڳونءَ سان وڙهي پنهنجي جاڙي ڀيڻ کي بچائيندڙ عورت لاءِ بهادري جو ايوارڊ

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي سامهون واڳون اچي وڃي ته اهو يقينن پنهنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو.
پر ميڪسيڪو ۾ هڪ برطانوي عورت پنهنجي جاڙي ڀيڻ کي واڳون کان بچائڻ لاءِ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو هو، ان ئي ڪارنامي تي کيس برطانيا جي بادشاهه طرفان بهادري جو ميڊل ڏنو پيو وڃي.
جارجيا ۽ ميليسا لوري نالي ڀينرن سان اهو واقعو 2021 ۾ ميڪسيڪو ۾ پيش آيو هو.
ان وقت ٻئي درياهه ۾ تيراڪي ڪري رهيون هيون، جڏهن هنن واڳون کي ڏٺو ته ان کان پري ٿيڻ لڳيون، جارجيا ته ڪناري تي پهچي وئي پر ميليسا کي واڳون پاڻي ۾ ڇِڪي ورتو.
جارجيا اهو ڏسي پاڻي ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻه ڀيرا واڳون سان مقابلو ڪري پنهنجي جاڙي ڀيڻ جي حياتي بچائي ورتي.
ان سبب برطانوي بادشاهه طرفان کيس Gallantry ميڊل سان نوازيو پيو وڃي.
اهو ميڊل اهڙن شهرين کي ڏنو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن جي حياتي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ تي لڳائڻ کان ناهن گهٻرائيندا.
جارجيا هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته اهو ميڊل هڪ دهشت ناڪ تجربي جو انعام آهي، جنهن سان اسان جو صدمو گهٽجندو.
هن چيو ته اهو واقعو ميليسا جي بهادري سبب حيران ڪندڙ هو، جنهن واڳون سامهون همت نه هارائي، جنهن سان مون کي وڙهڻ ۾ مدد ملي.
ٻنهي ڀيڻن جي جسمن تي هن وقت به ان واقعي جا نشان موجود آهن.
جارجيا واڳون کي وات ۾ مڪون هنيون، واڳون جا ڏند لڳڻ سبب سندس هٿ به زخمي ٿيو پر ان جون مڪون اثرائتيون ثابت ٿيون ۽ واڳو ميليسا کي ڇڏي ڏنو.
درياهه مان گذرندڙ هڪ ٻيڙي ٻنهي ڀيڻن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ميليسا زخمن سبب زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي رهي.
هاڻ ٻئي ڀيڻون لنڊن ۾ 13 ڪلو ميٽر ڊگهي تيراڪي جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي تياري ڪري رهيون آهن.
اهو مقابلو آگسٽ ۾ ٿيندو، جنهن جو مقصد فلاحي مقصدن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.