ميٽا جو اي آءِ چيٽ بوٽ واٽس ايپ جي ويب ورجن لاءِ به متعارف

گوگل ۽ اوپن اي آءِ جي جنريٽو آرٽي فيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي بالادستي جي خاتمي لاءِ ميٽا فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ لاءِ به اپريل 2024 ۾ ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ متعارف ڪرايو هو.
هاڻي هن اي آءِ چيٽ بوٽ کي واٽس ايپ جي ويب ورجن جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ان اي آءِ چيٽ بوٽ ذريعي تحريري سوالن جا جواب ڄاڻڻ سان گڏوگڏ واهپيدار تصويرون به ٺاهي سگهندا.
ان لاءِ ميٽا اي آءِ چيٽ کي اوپ ڪري اميجن لکي پنهنجي ذهن ۾موجود تصويرن لاءِ هدايتون ڏيو.
سمورن تصويرن تي ميٽا اي آءِ جو واٽر مارڪ موجود هوندو ته جيئن هن کي غلط استعمال نه ڪيو وڃي.
واٽس ايپ جي ويب ورجن ۾ ميٽا اي آءِ تائين پهچ دائري تي ڪلڪ ڪرڻ سان ٿيندي.
اهڙي ريت ڪنهن به چيٽ تي @ تي لکڻ سان مٿان ميٽا اي آءِ جو آپشن اچي ويندو.
ياد رهي ته اي آءِ چيٽ بوٽ ڪمپني جو نئون لاما ماڊل 3 تي جڙيل آهي، جيڪو معياري تصوير ٺاهڻ سان گڏوگڏ ٽيڪسٽ کي به وڌيڪ بهتر بڻائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.