بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديس ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٽي ٽوئنٽي لاءِ نجم الحسين کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته تسڪين احمد نائب ڪپتان هوندو.
ان کان علاوه اسڪواڊ ۾ شڪيب الحسن،لٽن داس، سوميا سرڪار،تنزيد حسين، توحيد هردوئي، محمود الله رياض، جاڪر علي، تنوير اسلام، شڪ مهدي، ارشاد حسين، مستفيظ الرحمان، شرف السلام ۽ تنظيم حسن شامل آهن.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.