”جيڪو اي بي ڊيوليئر نه ڪري سگهيو اهو شاهين ڪري ڏيکاريو“

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندر جي سي اي او عاطف رانا چيو آهي ته شاهين آفريدي 18 سالن جي عمر ۾ لاهور قلندر کي چئمپين بڻايو هو پيدائشي ڪپتان آهي.
عاطف رانا چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ صرف بابر اعظم ۽ شاهين نه پر سڀني جو ڪردار اهم هوندو، پاڪستان ڀارت کي هارايو هو ته ان ۾ شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جو ڪردار هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاهين اهو ڪم ڪم ڪيو جيڪو اي بي ڊيوليئر ۽ محمد حفيط نه ڪري سگهيا، شاهين آفريدي پهريان به پاڪستان کي مئچ کٽرايا هئا هاڻ به کٽرائيندو، شاهين ڀلي ڪپتان هجي يا نه پر هو سدائين ملڪ لاءِ کيڏندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.