وهنجڻ لاءِ بهترين وقت ڪهڙو آهي؟ ڄاڻيو طبي ماهرن جي راءِ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) عام طور تي ماڻهو نيرن کان اڳ وهنجندا آهن پر ڪجهه ماڻهو نيرن کانپوءِ به وهنجندا آهن، خاص طور موڪل واري ڏينهن، جن کي طبي ماهرن بري خبر ٻڌائي آهي.
ڀارتي ڊاڪٽر ريکا راڌاموني جو چوڻ آهي ته نيرن کانپوءِ وهنجڻ صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر ريکا موجب وهنجڻ سان اسان جو جسم ٿڌو ٿي ويندو آهي، جسم جو گرمي پد گهٽجڻ جو مطلب آهي ته جسم ۾ رت جي گردش ۽ ان جي جذب ڪرڻ جي صلاحيت به گهٽ ٿي ويندي آهي، نتيجي ۾ هاضمي جو پراسيس بري طرح متاثر ٿيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته کاڌي کانپوءِ نه پر اڳ ۾ ئي وهنجڻ گهرجي، کاڌي کان هڪ کان 3 ڪلاڪ اڳ وهنجڻ جو وقت بهترين هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.