اوٻاسي ظاهري طور تي ڪو مقصد نظر ناهي ايندي، ٿڪ، بيزا ٿيڻ ڪنهن کي ائين ڪندي ڏسي اسان به وات ڦاڙي هوا کي اندر ڇڪيندا آهيون.
حقيقت ۾ ڪجهه عرصو اڳ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته 55 سيڪڙو ماڻهو رڳو اوٻاسي لفظ کي پڙهي ئي اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
ٽيمپل يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جڏهن ماڻهن کي اوٻاسي (انگريزي ۾ Yawning) چوڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهي اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
جيتري تائين اهو سوال آهي ته اوٻاسي ڇو ايندي آهي ته ان جو مختصر جواب اهو آهي ته ڪو به ان جو سبب نٿو ڄاڻي.
پر اوٻاسي بابت ڄاڻڻ لاءِ سائنسدانن ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي ته جيئن ان انساني رويي کي سمجهي سگھجي.
تنهنڪري جيڪو ڪجهه هنن ڄاتو آهي اهو ڪافي حيران ڪندڙ آهي.
تيزي سان پکڙجندي آهي
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اوٻاسي ڏيندي ڏسڻ سان گڏوگڏ رڳو ان لفظ کي پڙهي به ماڻهو اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
ايتري تائين جو جيڪڏهن اوهان اونڌا ٿي به ڪنهن کي اوٻاسي ڏيندي ڏسندئو ته پاڻ کي واٽ ڦاڙڻ کان روڪڻ ڏکيو هوندو.
نابين ماڻهن تي به ان جو اثر پوندو آهي
جي ها واقعي نابين ماڻهو ڏسي ته ناهن سگھندا پر اوٻاسي ڏيندي جيڪو آواز نڪرندو آهي، اهو ٻڌڻ سان اهي به اوٻاسي ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
ننڍا ٻار به ان اثر کان محفوظ ناهن
2 سالن جي عمر ٻارن کي ٻين کي ڏسي اوٻاسي ڏيندي ڏٺو ويو آهي.
ان جو سبب ته واضح ناهي پر اها خبر ضرور پئجي وئي آهي ته ننڍا ٻار به ان جي اثر نٿا بچي سگھن.
جانور به اوٻاسي ڏيندا آهن
اوٻاسي رڳو انسانن تائين محدود ناهي، ٻيا جانور جهڙوڪ ڀولو، واڳون، نانگ ۽ ڪجهه مڇين کي به اوٻاسي ڏيندي ڏٺو ويو آهي.
وقت
انسانن ۾ هڪ اوٻاسي جو وقت لڳ ڀڳ 6 سيڪنڊ هوندو آهي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ اهو وقت ڏسڻ ۾ آيو آهي.
اڌ اوٻاسي نٿي ڏئي سگھجي
جي ها يا ته اوهان کي پورو وات کولي اوٻاسي ڏيٺي پوندي يا پورو وات بند ڪري ان کي ڦهلائڻو پوندو.
اوٻاسي کي دٻائڻ ڏکيو آهي
اوهان وات بند ڪري يا ڏند پيسي اوهان اوٻاسي کي نٿا دٻائي سگهو.
ان جي آزمائش به اوهان ڪري سگھو ٿا، يعني جڏهن اوٻاسي اچڻ لڳي ته ڏندن کي دٻائي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريو.
ان ڪوشش ۾ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇو اوٻاسي جو ڪو به نامعلوم ميڪنزم اسان کي ڏاٺ کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
سٺو محسوس ٿيندو آهي
اوٻاسي ڏيڻ سان ماڻهن جي مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن.
آٽزم جي مريضن تي ان جو اثر ناهي ٿيندو
هونئن ته ماڻهن کي اوٻاسي ڏيندي ڏسي گھڻا ماڻهو پاڻ به اوٻاسي ڏيندا آهن پر آٽزم جو شڪار ماڻهن تي اهو اثر ناهي ٿيندو.
Prev Post
You might also like