ٽي شرٽ ڇو ٺاهي وئي هئي؟ ڄاڻيو

دنيا جون ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آهن، جن کان هر ڪو واقف ناهي.
اڄ اسان توهان کي به هڪ اهڙي دلچسپ حقيقت ٻڌائينداسين، جنهن بابت شايد توهان کي خبر نه هجي، اها آهي ٽي شرٽ بابت.
ڇا توهان کي خبر آهي ته ٽي شرٽ ڇو ٺاهي وئي هئي؟
ٽي شرٽ حقيقت ۾ غير شادي شده نوجوانن لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، ڇو ته انهن کي بٽڻ لڳائڻ نه ايندا هئا ۽ نه ئي بٽڻن کي ٽاڪو هڻي سگهندا هئا، انهن کي ڪالر جو بٽڻ ته لڳائڻ ئي نه ايندو هو، تنهن ڪري انهن جي سهولت لاءِ ٽي شرٽون ٺاهيون ويون، جن ۾ بٽڻ ئي نه هئا پر آهستي آهستي شادي شده ماڻهن به ٽي شرٽ پائڻ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.