رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان باهه جا شعلا ۽ ڪارو دونهون اُٿندي ڏٺو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا اي ايف پي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڇنڇر جي منجهند رياض ايئرپورٽ ڀرسان شاهدن دونهين جا ڪڪر اُٿندي ڏٺا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽن تي رياض ايئرپورٽ تان ڪجهه اُڏامون رد ۽ رولڙي جو شڪار ٿيون آهن.
رپورٽ موجب، ايئرپورٽ ڀرسان آرامڪو جي ٻارڻ جي هڪ ٽينڪ ۾ باهه لڳڻ سبب دونهون اُٿندي ڏٺو ويو، جڏهن ته فائر فائٽرز باهه وسائڻ ۾ رڌل هئا.
باهه واري واقعي سبب ايئرپورٽ تي اڏامن جي ڪينسل ۽ دير سميت معمول جي آپريشن ۾ نمايان خلل پيو.
واضح رهي ته گذريل رات سعودي سول ڊفينس اداري رياض ۾ وارننگ ۽ ايمرجنسي سائرن فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ان کانپوءِ الرٽ ختم ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، يمن جي حوثين سان تڪرار ۾ واڌ کانپوءِ سعودي راڄڌاني ۾ اهو پهريون الرٽ جاري ڪيو ويو هو.
سعودي راڄڌاني رياض جي ڪنگ خالد هوائي اڏي تي باهه جا اُلاءَ ۽ دونهون، ڪيئي اڏامون رد ۽ رولڙي جو شڪار
You might also like