ميناب جي 168 شاگردن کي شهيد ڪرڻ جنگي انگ اکر ناهن، وچ اوڀر جي سلامتي جو فيصلو خطي جي ملڪ پاڻ ڪن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار سلامتي ٻاهران مڙهي نٿي سگهجي، خطي جي ملڪن کي پرڏيهي مداخلت کانسواءِ پنهنجي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ گهرجن.
انڊونيشيا جي فارين پاليسي ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ”گلوبل ڊائلاگ فورم 2026ع“ لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عباس عراقچي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي غيرقانوني ۽ جارحاڻا قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اهڙن قدمن تي اثرائتو عالمي ردعمل نه ڏنو ويو ته ان سان عالمي قانون جون بنيادون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
هن ميناب ۾ 168 شاگردن جي مارجي وڃڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي رڳو جنگي انگن اکرن طور نه ڏسڻ گهرجي.
ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڪارڪردگي تي به تنقيد ڪئي، پر گڏوگڏ چيو ته مسئلي جو حل گهڻ طرفي نظام کي ڇڏي ڏيڻ نه، پر ان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ انصاف تي ٻڌل بڻائڻ آهي.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته دنيا کي عسڪريت پسندي، مداخلت ۽ مسلسل جنگين کان هٽي ڪري پائيدار ترقي، خودمختياري جي احترام ۽ انصاف طرف وڌڻ گهرجي.

You might also like