شگر ۾ مبتلا ٿيڻ جا سبب ڄاڻيو؟

ذيابيطس جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ اسان شگر چوندا آهيون ان جي مريضن جو انگ سڄي دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي جنهن جو وڏو سبب صحتمند طرز زندگي کان پاسو آهي.

اسان جي معاشري ۾ اهو تاثر عام آهي ته گھڻو مٺاڻ کائڻ سان شگر ٿي ويندي آهي پر اهو درست ناهي ان ڪري اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙا سبب ٻڌائي رهيا آهيون جن جي ڪري اوهان شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي سگھو ٿا.

ضرورت کان گھڻو ڪم

اهو ڄاڻي اوهان کي يقينن حيران ٿي ويندئو ته ضرورت کان وڌيڪ ڪم به اوهان کي شگر جو مريض بڻائي سگھي ٿو، گھڻي دير تائين ويهي ڪم ڪرڻ اوهان جي جسم جي شگر ليول کي متاثر ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اوهان شگر جو شڪار ٿي سگھو ٿا.

پاڻيءَ جو گھٽ استعمال

زندگي ۾ اسان ايترا مصروف ٿي ويندا آهيون جو پنهنجو خيال ناهيون رکندا ۽ جسم کي بنيادي ضرورت پاڻيءَ کان به محروم ڪري ڇڏيندا آهيون.

هڪ تحقيق موجب پاڻي جو گھٽ استعمال به اوهان کي شگر جو مريض بڻائي سگھي ٿو.

کاڌو ڇڏي ڏيڻ يا دير سان کائڻ

ڪجهه ماڻهو سستيءَ جي ڪري ۽ ڪجهه ڪم ۾ مصروف رهڻ سبب کاڌو يا ته ڇڏي ڏيندا آهن يا وري دير سان کائيندا آهن پر ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو جو کاڌو ڇڏڻ يا دير سان کائڻ به شگر جي خطري کي وڌائي سگھي ٿو.

دٻاءُ

ذهني دٻاءُ شگر ۾ مبتلا ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم سبب آهي، ٽينشن يا ذهني دٻاءَ ۾ رهندڙن جي شگر ليول متاثر رهندي آهي ۽ ائين اُهي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.