پرٿ ٽيسٽ ۾ ڀارت جي واپسي، اسٽارڪ جي ” سلو بالنگ “ ۽ روهت جي ” پوزيشن “ تي بحث

پهرين اننگز ۾ 150 رنسن تي ڍير ٿيڻ باوجود ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين اوهان جي ميچ تي پڪڙ ڪنهن حد تائين مضبوط ٿي سگهي؟ اِهو منظر اوهان کي پرٿ جي ميدان تي ڀارتي ٽيم جي صورت ۾ نظر ايندو.
ڀارت، آسٽريليا خلاف ٻي اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 172 رنسون ٺاهي، ڪينگروز خلاف 218 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
جئسوال 90 رنسن سان آسٽريلوي سرزمين تي پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 62 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي.
پرٿ ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن 17 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ اِهو سمجهيو ويو ته بيٽرن لاءِ هيءَ هڪ ڏُکي وڪيٽ ثابت ٿيندي پر ٻي اننگز ۾ ڀارتي اوپنرن يشسوي جئسوال ۽ ڪي ايل راهول سڀ اڳڪٿيون غلط ثابت ڪري ڇڏيون.
آسٽريليا ۾ ڀارتي اوپنرن جي ٻي سڀ کان ڊگهي ڀائيواري جوڙي، 1986ع ۾ گواسڪر ۽ سريڪانت وچ ۾ 191 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي هئي.
ٻئي ڏينهن جي شروعات آسٽريليا ست وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسن سان ڪئي پر ماني جي وقفي تائين ڀارت باقي بچيل ٽئي وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون ۽ آسٽريليا کي 104 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو.
ڪپتان جسپريت بمرا پنج، پهرين ميچ کيڏندڙ هرشيت رانا ٽي ۽ محمد سراج ٻه وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت ڀارت کي آسٽريليا خلاف 46 رنسن جي سرسي حاصل ٿي.
جئسوال 90 رنسن سان آسٽريلوي سرزمين تي پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 62 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي.
مچل اسٽارڪ کي ” سلو بالنگ “ جو مهڻو، روهت شرما کي ڇهين نمبر تي کيڏڻ جي صلاح
ڀارتي بيٽرز جي ٻئي ڏينهن ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪئي، مچل اسٽارڪ، هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز سميت ٻيا بالرن 57 اوورن هلائڻ باوجود وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
سوشل ميڊيا تي به جئسوال ۽ راهول جي جوڙي کي ساراهيو پيو وڃي، هڪ واهپيدار لکيو ته ٻنهي پنهنجو فوڪس برقرار رکيو ۽ ٻنهي سيشنز ۾ وڪيٽ بچائي.
جئسوال هڪ موقعي تي اسٽارڪ کي کيڏندي کيس چيو ته “ بال سلو اچي رهيو آهي“ جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي آهي.
ٻنهي جي ڀائيواري تي تجزئي نگارن ۽ شوقينن سوال اُٿاريو ته ” ڪپتان روهت شرما ٻي ميچ ۾ واپسي تي ڪهڙي نمبر تي کيڏندو؟ “
هڪ ٻئي واهپيدار ٺٺول ڪندي چيو ته ” لڳي ٿوته روهت شرما کي واپس ڇهين نمبر تي کيڏڻو پوندو.“
واضح رهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ روهت شرما ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪندو هو.
ڀارتي ڪپتان روهٽ شرما پٽ جي پيدائش سبب پهرين ٽيسٽ ناهي کيڏي رهيو، سندس جاءِ تي فاسٽ بالر جسپريت بمرا ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي.
اوپنر شُڀمَن گِل آسٽريليا ۾ ئي زخمي ٿيڻ سبب پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر ٿي ويو، سندس جاءِ تي ڀارت طرفان لوڪيش راهول کان اوپننگ ڪرائي وئي، جڏهن ته هڪ ٽيسٽ کيڏندڙ ديودت پاڊيڪال کي ون ڊائون تي کيڏايو ويو.
ان کانسواءِ ٽي ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ ڌرو جوريل کي پنجين جڏهن ته آل رائونڊر نتيش ريڊي ۽ هرشيت رانا کي ميچ ۾ ڊيبيو ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.