وزيراعظم جو اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اهڙو اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نجڪاري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن بابت جائزو وٺڻ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن نجڪاري پروگرام 2024-2029 جو روڊ ميپ پيش ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن رياستي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، کڻي اهي نفعو ڏيندا هجن يا خساري جي ور چڙهيل هجن.
هن سمورين وفاقي وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي سمورا ضروري قدم کڻن ۽ نجڪاري ڪميشن سان سهڪار ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ آهي.
سندن چوڻ هو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچندو، خدمتن جي فراهمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اوليت ڏني وئي آهي.
وزيراعظم پاڪستان انٽرنيشنل ايئ رلائنز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري لاءِ بريفنگ ۽ اهم قدمن کي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
هن چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جو عمل به لائيو نشر ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي نجڪاري بابت اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري بابت اڳڀرائي وارو عمل مئي جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري بابت ضروري مشاورت جاري آهي، فرسٽ وومين بينڪ جي يو اي اي سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي، بجلي ورڇ ڪمپنين جي نجڪاري جو پروگرام به شامل ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ ٿيل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي، نجڪاري کي تيز ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو اڳواٽ مهارت رکندڙ پينل جوڙيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.