سنڌ حڪومت جو ٽئلينٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھه سان صوفي ڳائڻي عابده پروين جي ملاقات ٿي، ان دوران صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٽئلينٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميڊم عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ميڊم عابده پروين جي گلوڪاري واري شعبي ۾ خدمتن جي ساراهه ڪئي.
عابده پروين صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه کي وزارت سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون، ملاقات ۾ سنڌ ٽئلينٽ ھنٽ پروگرام سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
سيد ذوالفقار علي شاھه عابده پروين کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفامنس آرٽ ڄامشورو جي دوري جي دعوت ڏني.
سنڌ جي ثقافت کي گڏجي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊم عابده پروين پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ھن وقت بھتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هميشه حاضر آهيان.
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته محترمه عابده پروين پوري دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آھي، عابده پروين اسان جي مھذب ۽ قديمي ثقافت جي سفير آهي، هوءَ پاڻ ھڪ اداري جي حيثيت رکي ٿي.
هن چيو ته سنڌ جي ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ ميڊم عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.