آمريڪا، ايران سان معاهدا ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا جون ايران تي پابنديون برقرار آهن، اُن سان معاهدا ڪندڙ ملڪ پابندين کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
ويدانت پٽيل واشنگٽن ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڀارت ۽ ايران وچ ۾ چاھه بهار بندرگاھه معاهدي تي ردعمل ڏنو.
هن چيو ته ايران تي پابنديون جاري رکيون وينديون، ڀارت کي پابندي جي حوالي سان ڇوٽ حاصل ناهي.
سندس چوڻ هو ته ايران سان معاهدا ڪندڙن کي امڪاني خطرن کان آگاھه رهڻ گهرجي، اهي پابندين کي منهن ڏئي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.