انڊونيشيا ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 50 ٿي ويو

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي اولهه صوبي سماترا ۾ برساتن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ مختلف حادثن ۾ 36 ڄڻا زخمي ٿيا، ان دوران 27 ڄڻا گم به ٿيا آهن.
ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ ٻرندڙ جبل پڻ ڦاٽو هو، جنهن مختلف ضلعن ۾ تباهي مچائي.
صوبي سماترا ۾ گهرن ۽ مسجدن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيو، جنهن نقصان پهچايو، ٻوڏ متاثر علائقن مان 3 هزار 396 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گم ٿيل 27 ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته ڊسمبر ۾ انڊونيشيا ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب 20 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ۽ جبل ڦاٽڻ جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.