اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا چوندا هئا اسان اينداسين ته ٽن ڏينهن ۾ قرض لهي ويندو ۽ ماڻهن کي سزائون ڏئي پيسا واپس آڻينداسين پر شوڪت ترين مڃيو ته هنن جي دور ۾ 76 سيڪڙو قرض وڌي ويا.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي چيو ته نوجوان نسل کي پي ٽي آءِ مان اميدون هيون ته ملڪ بهتر ٿيندو، اسد عمر چوندو هو ته ناڻي وارو وزير بڻجي ويس ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو.
هن چيو ته هي پي ٽي آءِ باني جي گهرواري جي ڳالهه ڪندا آهن پر اسان جي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌو ويو، فريال ٽالپر کي عيد جي ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي وئي، آصف علي زرداري ملڪ کي بچائڻ لاءِ پاڪستان کپي جو نعرو هنيو.
قادر پٽيل چيو ته اپوزيشن آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿي، آصف زرداري به آئين جي حاڪميت جي ڳالهه ڪئي، هن چين سميت سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي.
You might also like