ملتان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مان هڪ عوامي گورنر آهيان، هر سياسي پارٽي جي اڳواڻ وٽ پاڻ هلي ويندس.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان اعتماد تي پارٽي جا ٿورا مڃان ٿو، اسان کي پنهنجو ڪيس پنهنجي فورم تي وڙهڻ گهرجي، مان وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي کاڌي جي دعوت ڏيان ٿو، مان سڀني کي عزت ڏيان ٿو.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان چوي ٿو سندس مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو پر خيبرپختونخواهه ۾ ته مينڊيٽ سني اتحاد ڪائونسل کي مليو آهي، سني اتحاد ڪائونسل کي گهرجي ته مولانا جا خدشا ختم ڪري، خيبر پختونخواهه جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي گڏجڻو پوندو، اوهان لفظي جنگ جا خواب پورا ڪريو پر عوام کي ڊليور ڪيو.
سندس چوڻ هو ته گورنر هائوس ۾ صوبائي حڪومت خلاف ڪا سازش نه پئي ٿئي، اسان جهيڙو نٿا چاهيون، جهيڙي لاءِ هي فورم ناهي، توهان پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهي کي لفظي جنگ سان نه لڪايو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ڪي پي حڪومت کي چيو آهي ته گڏجي وفاق سان عوام جي حقن جو ڪيس وڙهنداسين، پنهنجي صوبي جو ڪيس ٺاهينداسين ۽ لاڳاپيل فورم تي ڳالهائينداسين.
You might also like