اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي خط جي حوالي سان وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اٽارني جنرل چيو ته جسٽس بابر ستار جي خط جي حوالي سان وضاحت ضروري سمجهان ٿو، رياست جي ڪجهه حساس ڄاڻ هوندي آهي، حساس ڄاڻ جي حوالي سان اٽارني جنرل يا ايڊووڪيٽ جنرل رابطو ڪندا آهن.
هن چيو ته نه حڪومت نه حڪومتي ادارو عدليا جي معاملن ۾ مداخلت ڪندو آهي نه ڪري سگهي ٿو، اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ڄڻ عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن، درخواست ڪئي وئي هئي ته سرويلينس بابت معاملن تي بريفنگ ان ڪئميرا ڪئي وڃي، بدقسمتي سان تاثر ڪجهه اهڙو ورتو ويو ته ڪيس جو فيصلو ڪنهن هڪ رُخ تي ڪيو وڃي ائين نه هو.
سندس چوڻ هو ته اهڙي درخواست جيڪا قانوني هجي، ان ۾ اٽارني جنرل يا ايڊووڪيٽ جنرل پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن، خط جي متن تي غور ڪيو وڃي ته ڪهڙي شئي کي انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ چيو ويو آهي، ڪنهن سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ آفيسر سڌي ريت رابطو ڪيو آهي نه ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار چيف جسٽس عامر فاروق کي خط لکيو آهي ته آڊيو ليڪس ڪيس ۾ مون کي پيغام ڏنو ويو ته پوئتي هٽي وڃو.
You might also like