جسٽس بابر جي فيملي جي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ پيمرا ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار جي فيملي جي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ پيمرا ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس بابر ستار جي فيملي جي ڳجهي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل لارجر بئنچ ڪئي.
عدالت اٽارني جنرل آفيس، ايف آءِ اي، آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ پيمرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس محسن اختيار ڪياني چيو ته اسان سڀني ادارن کي نوٽيس ڪري رپورٽ گهرائينداسين.
پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.