برائن لارا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلسٽ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ويسٽ انڊيز جي ليجنڊري بيٽسمين برائن لارا آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ 2024 جي سيمي فائنل ۽ فائنلسٽ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
اڳوڻي رانديگر موجب ڀارت، ويسٽ انڊيز، انگلينڊ ۽ افغانستان سيمي فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪندا.
برائن لارا چيو آهي ته ويسٽ انڊيز کي بهتر راند کيڏڻي پوندي، هن وٽ گهڻا اسٽار آهن ۽ جڏهن اهي هڪ ئي ٽيم طور گڏجي کيڏن ته بهتر راند جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا.
هن جو چوڻ هو ته ڀارت، انگلينڊ، ۽ افغانستان ۾ اهي صلاحيتون آهن، جن ذريعي اهي ٽيمون ٽاپ فور ۾ آساني سان ڪوليفائي ڪري سگهن ٿيون.
برائن لارا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز کي ڏسڻ جي خواهش به ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پهرين جون کان ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا جي مختلف وينيوز تي 55 مئچ کيڏيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.