ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سڀ کان وڏي آبادي واري شهر ڪراچي ۾ نادرا شهرين جي سهولت لاءِ هڪ ٻيو وڏو سينٽر قائم ڪري ڇڏيو.
ڊي جي نادرا ڪراچي احتشام شاهد موجب صفوران تي قائم نئين سينٽر جو افتتاح 15 مئي تي ٿيندو، جنهن سان گلشن، صفوران، گڏاپ ۽ ڀر وارن علائقن جي شهرين کي فائدو ٿيندو.
هن ٻڌايو ته سينٽر ٻن شفٽن ۾ 700 شهرين کي سهولتون فراهم ڪندو ۽ سال جي آخر تائين انگ 700 مان وڌائي 1500 ڪيو ويندو.
سينٽر ۾ ايئرڪنڊيشن هال ۽ پهرين ماڙ تي ويهڻ جي سهولت به هوندي، رجسٽريشن سينٽر ايندڙن لاءِ پارڪنگ جو انتظام به ڪيو ويو آهي.
نادرا سينٽر صبح 8 وڳي کان رات 12 وڳي تائين خدمتون فراهم ڪندو، مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٻن شفٽن تي ٻڌل وڏا رجسٽريشن سينٽر قائم ڪيا ويندا.
Next Post
You might also like