مڪو معاهدو: پاڪستان سان گڏجي سعودي عرب جي عسڪري ضرورتن جو جائزو وٺنداسين: ترڪي

ترڪي جي پرڏيهي معاملن واري وزير حاقان فيدان چيو آهي ته يمن جي حوثين پاران جاري حملن سبب سعودي عرب کي ڪجهه فوجي ضرورتون پيش اچي سگهن ٿيون، اسان پاڪستان سان مڪي معاهدي تحت انهن فوجي ضرورتن جو جائزو وٺنداسين.

ترڪي جي پرڏيهي معاملن واري وزير چيو ته يمن ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سمورن ڌرين تائين تجويزون پهچايون ويون آهن. سعودي عرب کي آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جو حصو بڻائڻ ناقابل قبول آهي. وچ اوڀر جو بحران هاڻي معاشي طور ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي.

حاقان فيدان وڌيڪ چيو ته اسان يوڪرين ۽ روس کي اسود سمنڊ ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ جي آڇ به موڪلي آهي.

هوڏانهن مصر سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض تي ٿيل حملن جي مذمت ڪندي انهن کي سعودي عرب جي سلامتي ۽ استحڪام ۽ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

مصري پرڏيهي معاملن واري وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملا خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ علائقائي عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا.

قاهره سعودي عرب جي سلامتي يا خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور رد ڪندي سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مصر سعودي عرب پاران پنهنجي سلامتي، استحڪام ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ کنيل ڪنهن به قدم جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته سعودي عرب ۽ مصر جي سلامتي هڪ ٻئي کان الڳ ناهي.

اردن به رياض کي نشانو بڻائيندڙ حوثين جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي مذمت ڪئي آهي، جنهن کي سعودي هوائي دفاعي نظام روڪي تباهه ڪري ڇڏيو هو.

اردن جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ طائف ۽ ينبع ۾ شهرين ۽ شهري هنڌن کي نشانو بڻائڻ جي حوثين جي ڪوششن جي مذمت ڪئي.

You might also like