ڪراچي گورنر هائوس اڳيان ڌرڻو ختم: اڄ اسلام آباد ڏينهن ريلي ذريعي مارچ ٿيندي: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ليوي خلاف 35 ڏينهن کان جاري جماعت اسلامي ڪراچي جو گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻو ختم ٿي ويو.

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم ڪراچي واري ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ريل ذريعي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ٿيندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ مان قافلا ايندا.

حافظ نعيم جو چوڻ هو ته عوام کي ڦرڻ لاءِ کنڊ، اٽي، آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارن ۽ بئنڪن جا واپاري ٽولا پاڻ ۾ گڏ ٿيل آهن.

جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته جماعت اسلامي جي امير جي اڳواڻي ۾ سپر لانگ مارچ اڄ ڪراچي کان شروع ٿيندو.

هنن خيالن جو اظهار حڪومتي ٽيم سان ڳالهين جو پنجون دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

You might also like