اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ ميڊيا تي سياسي بيان ڏيڻ تي پابندي واري احتساب عدالت جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اظهار راءِ جي جيڪا آزادي هتي آهي اها آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني طرفان وڪيل سلمان اڪرم راجا پيش ٿيا. پي ٽي آءِ جي باني وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته جيل اختيارين عدالتي ڪمري ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا حڪم ڏنو آهي ته عدالت اوپن ڪورٽ هجي، اسان درخواست ڏني ۽ پوءِ عدالت جي حڪم تي رڪاوٽون هٽايون ويون ٽرائل ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني کي سياسي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، صحافي عدالت ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي رپورٽ ڪري سگهن ٿا، معلومات تائين رسائي عوام جو بنيادي حق آهي، ان کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟