”طوائفون ڪلو ڪلو جا زيور پائينديون هيون، امباني جي شادي ڪجهه به ناهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هيرا منڊي ۾ طوائفن جي رهائشگاهن کي ريسٽورينٽس ۾ تبديل ڪري هاڻي اتي فوڊ اسٽريٽ بڻائي وئي آهي جيڪا سياحتي ماڳ بڻجي چڪي آهي.

ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ننڍپڻ کان انهن جاين تي رهن ٿا، سندن ابا ڏاڏا هنن گهرن ۾ رهيا، اهي لاڏاڻو ڪري ويا، هاڻي انهن جو ٻيون يا ٽيون نسل هيرا منڊي واري علائقي ۾ ترسيل آهي.

ڪي ڀارت مان به آيا هئا جن کي ان وقت جي هيرا منڊي اڄ به ياد آهي.

سندن چوڻ آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن هيرا منڊي ۾ شاديون ٿينديون هيون ته انهن جي شان شوڪت منفرد هوندي هئي، انهن شادين جي سامهون (ڀارتي ڪروڙ پتي مڪيش) امباني جي شادي ڪجهه به ناهي. هڪ هڪ طوائف ڪيترائي ڪلو وارا سونا زيور پهري نڪرندي هئي ۽ گهٽين ۾ جڏهن ڄڃ نڪرندي هئي ته اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو.

هو چون ٿا ته هاڻي هتي پراڻن ڪوٺن جون عمارتون به ڊاهي پلازا ٺاهيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.