جنسي هراساني جي واقعن سبب جاپاني عورتون فوج ۾ وڃڻ کان لنوائڻ لڳيون، اهلڪارن جي کوٽ

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ عورت فوجي اهلڪارن جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ انهن جي ڀرتي جون ڪوششون جاري آهن.
جنسي هراساني جا واقعا سامهون اچڻ سبب سيلف ڊفينس فورس (ايس ڊي ايف) ۾ ڀرتي جي خواهشمند عورتن جي انگ ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.
واضح رهي ته 2022 ۾ هڪ اڳوڻي عورت فوجي رينا گونوئي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، جنهن کانپوءِ بچاءَ واري وزارت ان ئي سال هڪ سروي ڪئي، جنهن ۾ ايس ڊي ايف ۾ جنسي هراسان جا 170 کان وڌيڪ واقعا سامهون آيا هئا.
ان کان اڳ 2013 ۾ جاپان جي شهر اوڪيناوا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت پنهنجي سينيئر تي نازيبا گفتگو جو الزام هنيو هو.
ان کانپوءِ عورتن کي هراساني کان بچڻ جي تربيت ڏني وئي، ان تربيتي مواد ۾ متاثر عورت جو نالو ڏنو ويو پر کيس هراسان ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ڳجهي رکي وئي هئي، جڏهن ته متاثر عورت عدالت سان به رابطو ڪيو هو.
بچاءَ واري وزارت طرفان ساليانو عورتن کي هراساني خلاف آن لائن تربيت ڏني ويندي آهي پر جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته اهو عمل خامين سان ڀريل آهي.
مقامي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته بحريا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت فوجي کي ان جي مرضي خلاف ان ئي سينيئر آفيسر سان ملڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي هن جنسي هراساني جو الزام هنيو هو، جنهن کانپوءِ عورت ايس ڊي ايف ڇڏي ڏني هئي.
پر اهڙا واقعا سامهون اچڻ باوجود ٻن آفيسرن چيو ته فوج اندر خدشا آهن ته هراساني تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ سان آپريشنل مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ اهو غير منصفاڻي شڪايتن جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.