پاڪستان آئرلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان هارائي سيريز کٽي ورتي

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي.
ڊبلن ۾ آئرلينڊ طرفان مليل 179 رنسن جو هدف پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 17 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.
ڪپتان بابر اعظم 76 ۽ محمد رضوان 56 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي.
ان کان اڳ آئرش ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون، ڪپتان لورڪان ٽڪر 73 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.