ملڪيتون ڊڪليئرڊ آهن، پراپرٽي ليڪس تي شرجيل ميمڻ جي وضاحت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منهنجي اثاثن بابت عوام کي ڄاڻ آهي ۽ منهنجا اثاثا پهريان ئي ڊڪليئرڊ آهن.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جن ملڪيتن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ٽئڪس اٿارٽيز ۾ ڊڪليئرڊ آهن.
هن جو چوڻ هو ته اسان هر سال اثاثن ۽ ملڪيتن جي ڊڪليئريشن ۾ اهي تفصيل جمع ڪرائيندا آهيون.
سينئر صوبائي وزير ٻڌايو ته اثاثن واري ڪا نئين ڳالهه ناهي، اثاثن ۽ ملڪيتن بابت پهريان ئي عوام کي خبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.