خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سوچي ٿو ڌمڪيون ڏئي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي ڪنٽرول ڪندو ته اها سندس غلط فهمي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي فائدي بدران نقصان پهچندو، پي ٽي آءِ ۽ شير افضل مروت ۾ تڪرار پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، ٿوري عرصي لاءِ مروت ايم اين اي شپ تان استعيفيٰ ڏيندو، پوءِ ٻيهر اليڪٽ ٿي پي ٽي آءِ باني سان گڏ ڪم ڪندو.
هن چيو اميد ته هن بجيٽ ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت عوام کي رليف سان گڏ پگهارن ۾ به سٺي واڌ ڪندي، اڄ تائين ته ڪنهن به وزيراعظم پنهنجو وقت پورو نه ڪيو، شهباز شريف جو نصيب ٿي سگهي ٿو ته 5 سال پورا ڪري.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني محسوس ڪرائڻ چاهي ٿو ته هو سعودي عرب جي خلاف ناهي، جيڪو به سعودي عرب جي خلاف ڳالهائيندو ان کي پارٽي مان ڪڍيو ويندو، جيستائين سعودي عرب پي ٽي آءِ باني کي سپورٽ نه ڪندو گار گند ٿيندي رهندي.
Prev Post
You might also like