انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ منشيات جو استعمال گهڻو آهي:احمد علي بٽ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار ۽ ميزبان احمد علي بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته فيشن ۽ انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ منشيات جو استعمال عام آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪار انڊسٽري جي تاريخ تي روشني وجهندي ٻڌايو ته منشيات جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿيون آهن.
اداڪار ٻڌايو ته ڊرگز جي ڪري ڪيترن ئي سٺن ماڻهن کي گمنامي ۾ ويندي ڏٺو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو منشيات جي واهپي سبب تباهه ٿي ويا.
احمد علي بٽ چيو ته انڊسٽري ۾ پير ڄمائڻ لاءِ فنڪارن تي دٻاءُ هوندو آهي ۽ هو منشيات جو استعمال شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
هن اعتراف ڪيو ته 2017 ۾ ڪجهه وقت هو اهڙي منشيات جو عادي ٿيوهوپر جلد ئي پاڻ کي سنڀالي پنهنجو علاج ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.