پراپرٽي ليڪس: دبئي ۾ پرڏيهين جون ملڪيتون، پاڪستاني به 11 ارب ڊالرن جي ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

دبئي ۾ پرڏيهين جي تقريبن 400 ارب ڊالرن جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستانين جون به 11 ارب ڊالرن جون ملڪيتون شامل آهن.
”پراپرٽي ليڪس“ ۾ دنيا جي ڪيترين ئي سياسي شخصيتن، حڪومتي اهلڪارن ۽ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن.
پاڪستانين جون دبئي ۾ 11 ارب ڊالرن جون ملڪيتون آهن، دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ پرڏيهين ۾ پاڪستانين جو ٻيو نمبر آهي.
پراپرٽي ليڪس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 17 هزار پاڪستانين دبئي ۾ 23 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن، پراپرٽي ليڪس ۾ صدر آصف زرداري جي ٽن ٻارن جا نالا شامل آهن، اڳوڻي صدر رٽائرڊ پرويز مشرف جو نالو به دبئي جي ملڪيتن جي مالڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، پراپرٽي ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو نالو به شامل آهي.
هڪ درجن کان وڌيڪ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر، هڪ پوليس چيف، هڪ سفارتڪار ۽ هڪ سائنسدان جو نالو به پراپرٽي ليڪس ۾ شامل آهي.
پراپرٽي ليڪس موجب حسين نواز شريف جي به دبئي ۾ ملڪيت آهي، گهرو وزير محسن نقوي جي گهرواري به دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪ آهي، شرجيل ميمڻ ۽ سندس فيملي ميمبرن جا نالا به دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪن جي نالن ۾ شامل آهن.
سينيٽر فيصل واوڊا جو نالو به دبئي جي ملڪيت جي مالڪن ۾ شامل آهي، سنڌ جي چئن ايم اين ايز جون به دبئي ۾ ملڪيتون آهن، بلوچستان ۽ سنڌ جي 6 کان وڌيڪ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا نالا به پراپرٽي ليڪس ۾ شامل آهن.
دبئي ۾ ملڪيتن جي اها ڊيٽا واشنگٽن ۾ قائم اين جي او ”سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز“ حاصل ڪئي، ڊيٽا واشنگٽن جي اين جي او ناروي جي فنانشل آئوٽ لٽ اي ٽوئنٽي فور سان شيئر ڪئي، ملڪيتن جي ڊيٽا ”آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پراجيڪٽ“ نالي تنظيم سان به شيئر ڪئي وئي، ”آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پراجيڪٽ“ 6 مهينن جي جاچ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري ملڪيتن جي مالڪن جو پتو لڳايو.
جاچ پراجيڪٽ تي 58 ملڪن جي 74 ميڊيا ادارن جي رپورٽرن ڪم ڪيو، جاچ پراجيڪٽ سان دبئي ۾ تازو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملڪيت خريد ڪندڙ سزا يافته ڏوهارين، مفرورن ۽ سياسي شخصيتن جو پتو لڳايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.