ڳچيءَ تي پوندڙ گُهنجن کان ڇوٽڪاري جا طريقا

وڌندڙ عمر سان چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي به اثر پوندا آهن ۽ ڪيترين ئي عورتن جي چهري سان گڏ ڳچيءَ تي به گهنج اچڻ لڳندا آهن.
توڙي جو ڳچيءَ تي ڪجهه گهنج قدرتي طور تي به موجود هوندا آهن پر ڪيتريون ئي لڪيرون سار سنڀال نه ڪرڻ ۽ ڪجهه عادتن سبب پئجي وينديون آهن.
ڳچيءَ تي گهنج ڪيئن پوندا آهن؟
قدرتي طور تي عمر وڌڻ سان جلد ۾ ڊرمل ميٽرڪس (سافٽ ٽشو گرافٽ) ۽ ڪوليجن ريشن جي پيداوار گهٽ ٿي ويندي آهي، جنهن سان ڳچيءَ تي لڪيرون واضح ٿي وينديون آهن.
ان کانسواءِ سيل فون ۽ ليپ ٽاپ جو وڌيڪ استعمال به ناڪاري اثر وجهندو آهي.
روڪجي ڪيئن؟
اسان توهان کي ڪجهه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي انهن مسئلن کان بچڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.
 سن اسڪرين لڳايو
سڄي دنيا ۾ بيوٽي ايڪسپرٽس روز سن اسڪرين لڳائڻ تي زور ڏيندا آهن، ڇو ته اها سج جي شعاعن کان محفوظ رکي ٿي.
اها جلد تي ظاهر ٿيندڙ وڏي عمر جي علامتن کي سست ڪري ٿي، تنهن ڪري ڳچيءَ تي سن اسڪرين جو استعمال ضرور ڪيو.
هائيلورونڪ ايسڊ ۽ وٽامن سي
ڪيترن ئي سيرم، ٽونر، موئسچرائزر ۾ هائيلورونڪ ايسڊ، وٽامن سي ۽ گلائڪولڪ ايسڊ سان گڏ ٻيون شيون موجود هونديون آهن، جيڪي اثرائتي طريقي سان جلد جي حفاظت ڪنديون آهن، اهي جزا جلد جي هائڊريشن ۽ موئسچرائيزيشن لاءِ ضروري هوندا آهن.
ريٽونل ۽ ڪوليجن
ريٽونل هڪ اٽامن اي ڊيپريويٽو آهي، جيڪو ڪوليجن کي وڌائڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ جلد تي عمر وڌڻ جي عمل خلاف ڪم ڪندو آهي.
ڳچيءَ جي پوزيشن
ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ڪنڌ جي پوزيشن جو خيال ناهن رکندا ۽ جسم جي پوزيشن کي اهميت ناهن ڏيندا، ٽيڪنالاجي جو ان ۾ وڏو عمل دخل آهي، جنهن ۾ موبائل فون، ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ وغيرا جو استعمال شامل آهي.
مستقل طور هڪ ئي پوزيشن ۾ رهڻ سان ڳچيءَ تي ٺهندڙ ڪريز گهري ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته توهان باقاعدي سان پنهنجي پوزيشن کي تبديل ڪندا رهو ۽ پنهنجي اسڪرين ٽائم کي به گهٽ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.